جوهي بئراج جي پڇڙي ۾پاڻي جي کوٽ،ڪڻڪ پوکائي متاثر، احتجاج

جوهي ( ن ع آ ) جوهي بئراج جي پڇڙي جي 8 ئي شاخن ۾ زرعي پاڻي منڍ جي پاڻي چورن ۽ ايري گيشن جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان مڪمل بند ڪري ڇڏيو هزارين ايڪڙ زرعي زمينون پوکائي کان سخت متاثر ايري گيشن کاتي جي اي سي انجنيئر ايس ڊي او جو نئو ڊرامو سامهون اچي ويو ته سکر کان زرعي پاڻي جي شاٽيج هئڻ ڪري رڳو جوهي بئراج جي پڇڙي جي شاخن جو زرعي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي ان سلسلي ۾ آبادگار اڳواڻن عبدالطيف جمالي ,امام علي رستماڻي ,ميهر گاڏھي ٻين  مختلف شاخن جي هاري آبادگارن نيشنل پريس ڪلب جوهي اڳيان احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان داهيندي الزام هنيو آھي ته جوهي جي پڇڙي جي 8 متاثرين شاخن جو زرعي پاڻي بند ڪرڻ تي جوهي جي آبادگارن جي هنيل رات ڏينهن  جي مرڻ گهڙي تائين جي بک هڙتالي ڪئمپ بعد ايري گيشن جي عملدارن جا مطالبا مڃي گنجائش ڪڍي  زرعي پاڻي ڪجه شاخن کي ڏنو آبادگارن آبادي جي آسري تي في ايڪڙ تي 70 هزار خرچ ڪيو آھي ايري گيشن عملي اوچتو زرعي پاڻي بند ڪري ڇڏيو آھي جنهن سبب جوهي جي متاثرين شاخن کي تاريخي نقصان پهچندو هنن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته ايري گيشن عملدارن منڍ جي بااثر کاتيدارن کان لکين رپيا روشوت وٺي واٽرن کي لڳل دڪا هٿ سان ٽوڙائي ڇڏيا آھن شاخن کي ڪوب سرڪاري گيٽ ئي ناهي هنن چيو ته پوکيل ڪڻڪ,  برسينگ, گاھ, سرنهن , ڄانڀو ۽ ٻيا فصل سڙي رهيا آھن آخري پاڻي ۽ فصل کي لاڳاڻو نه ملڻ ڪري جوهي تعلقو ڪاري ڏڪار جي ورچڙھي ويندو هنن چيو ته زرعي پاڻي جوهي جي آبادگارن جو جياپو آھي جنهن تي سدائين منڍ جي با اثر آبادگارن جو قبضو رهيو آھي پاڻي نه ڇڏيو ويو سوين آبادگار ڪنگال بڻجي ويندا آخر ۾ ھنن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ , آبپاشي صوبائي وزير سيڪريٽري ۽ ٻين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو آھي ته ايمر جنسي بنيادن تي جوهي بئراج جو هٿرادو بند ڪيل زرعي پاڻي ڏيارائي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ جوهي جا آبادگار سراپه احتجاج بڻجي ويندا ,

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.