جهول لڳ جهيڙي سبب صدمي ۾ فوت ٿيل عورت جو لاش رکي ڌرڻو

جهول (ت ر)جهول ويجهو ڳوٺ متل ڌاريجو ۾ چار ڏينهن پھريان ڌاريجا ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو جي صدمي ۾ بيھوشي ويل ٻڌڙي عورت فوت ٿي وئي هئي، جهول وارثن پاران فوت ٿيل عورت جو وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو هڻي جوابدارن جي رفتاري جو مطالبو ڪيو. جهول ڌرڻي سبب جهول وايا حيدرآباد روڊ بلاڪ  ٽريفڪ معطل ٿي وئي.  ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ٿيل جهيڙي ۾ جهول فوت  ٿيل  70 سالا ساول چار پهريان جهيڙي ۾ صدمي م بيھوشي ٿي وئي هئي، جيڪاگزريل رات دير سان بھيوش پيل عورت فوت ٿي وئي جنهن بعد وارثن ڌرڻو هنيو ويو آهي. ڌرڻي جي اڳواڻي ڪندڙ مور ڀٽي ۽ ٻين ڳوٺاڻن چيو ته جوابدارن جي حملي سبب اسان جي عورت خوف ۾ بيهوش ٿي وئي آهي، جيڪا 3 ڏينهن ڪوما ۾ رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري وئي. هن وڌيڪ چيو ته جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن، پوليس کين گرفتار ڪرڻ ته ٺهيو ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.