حيدرآباد مان عورت جو لاش هٿ، قتل جو الزام

حيدرآباد(رپورٽر) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد يونٽ نمبر 5 مان هڪ عورت جو لاش مليو. پوليس مطابق مسمات عذرا زال غلام سرور پنهنجي پٽ سان گڏ رهندڙ هئي. سندس وڏو پٽ ڪراچي ۾ رهندڙ آهي. عورت جي موت طبئي انداز سان ٿي آهي. عورت جي پٽ پنهنجي ڀاءُ تي قتل جو الزام مڙهيو هو. عورت جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس مطابق لاش مان ورتل جزن جي رپورٽ بعد موت جي حقيقت سامهون اچي ويندي.

  • ڊگهڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جا دڪانن تي ڇاپا، ڏنڍ

ڊگھڙي (ن ع آ)اسسٽنٽ ڪمشنر ڊگهڙي جهامنداس هيراڻي ڊگهڙي ۾ وڌيڪ اگھه وٺندڙ ۽ ذخيرو ڪندڙ ڀاڻ جي دڪانن ۽ گدامن تي اوچتا ڇاپا،شھر جي مختلف روڊن تي زرعي ڀاڻ جا دڪاندارن گوپال،سرور ۽ افضل جا دڪان سيل ڪيا ويا جڏهن ته عارف تي پنج هزار روپيا ڏنڊ وڌو ويو شھر جي زرعي ڀاڻ جي مختلف گدامن تي ڇاپا هڻي جائزو ورتو ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر جهامنداس هيراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آبادگارن کي شھر ۾ وڌيڪ اگھه تي زرعي ڀاڻ وڪرو ڪري رهيا هئا جنهنڪري قانون موجب ڪاروائي ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.