ٻنون ويجهو ڪئنال تي پل نه ٺهي، ڳوٺاڻن جنازو پاڻي مان گذاريو

ٻنون (ن ع آ ) ٻنون لڳ بيشمار قدرتي وسيلن سان مالا مال شاھوڪار سنڌ جي ڳوٺ بابو لاشاري جا رھندڙ ھزارين ماڻھو حڪومتي واھر نه ٿيڻ سبب اڄ به بي يارو مددگار بڻيل آھن.! سنڌ سرڪار ۽ سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائيندن ۽ انتظاميا جي نظر کان وانجھيل بڻيل سجاول ضلعي جي تعلقي ميرپوربٺورو ۽ يونين ڪائونسل ٻنون جو ھي اھو بدنصيب علائقو آھي. جتان جا رھندڙ ماڻھو اڄ به حڪومتي عدم توجي سبب پٿر جي دور واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. يقينن ھي وڍيو تصوير ٻنون ۽ حسين پور يونين ڪائونسلن جي وچ واري ڳوٺ بابو خان لاشاري جي آھي. جنھن جي ڀر ۾ وھندڙ مين دڙو پنڃاري ڪئينال مٿان پل نه ھئڻ سبب ٻنھي ڪپرن واري پاسن تي رھندڙ ھزارين ماڻھو اڄ به پنھنجن صدين پراڻن رشتن، قبرستانن ۽ لڳ لاڳاپن غمي توڙي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ لاء ٻيڙين ۾ سوار ٿي اچن وڃن ٿا. گذريل ڏينھن ھتان جي عوامي شاعر طالب لاشاري جي امڙ وفات ڪري وئي. کيس دفن ڪرڻ لاء سندس وارث ٻيڙي ذريعي سندن اباڻي قبرستان پنڃاري ڪئينال جي ٻئي پاسي کڻي وڃي رھيا آھن. قدرتي وسيلن سان مالا امير  سنڌ جا اھي بدنصيب ماڻھو سرڪاري واھر نه ٿيڻ سبب روز مرن ٿا ۽ روز جيئن ٿا. فقط ڏيکاء طور ترقياتي ڪمن لاء اربين روپيا خرچ ڪرڻ جي دعوي ڪندڙ اسانجي حڪمرانن ۽ سجاول ضلعي جي چونڊيل نمائيندن لاء ھي تصوير ڏسڻ لاء ڪافي آھي. ته امير سنڌ جا ماڻھو ھن جديد گلوبلائيزيشن واري دور ۾ اڄ به عذاب واري زندگي گذاري رھيا آھن. ھتان جي مشھور سماج سڌارڪ وفا مشتاق لاشاري ۽ ٻين موجب دڙو پنڃاري واھ جي آرڊي 126 وٽان پل نه ھئڻ سبب ماڻھن جي اچڻ وڃڻ جو واحد ذريعو ٻيڙين ذريعي ٿئي ٿو. جنھن سبب ڪافي جاني ۽ مالي حادثا پڻ ٿي چڪا آھن. ھن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته سرڪار ۽ حد جي چونڊيل نمائيندن کي فوري طور تي ھن معاملي جو نوٽيس وٺي پنڃاري ڪئينال مٿان پل ٺھرائي عوام کي سھولتون مھيا ڪري ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.