دڙو پوليس جي ڪارروائي، منشيات هٿ، 6 ڄڻا گرفتار

دڙو (ن ع آ) دڙي ويجهو ٻيلو روڊ تي پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ گاڏي جي تلاشي دوران سوپاري ۽ نشي آور پڙيون هٿ ڪري 6 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي آهي هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او دڙو ٻڌايو تہ ڄاڻايل گروھ ڪراچي کان دڙو ۽ مختلف علائقن ۾ سوپاري سپلائي ڪندو آهي گاڏي روڪي تلاشي ورتي تہ ان مان 50 ڪلو سوپاري ۽ 30 پيڪيٽ نشي آور پڙين جا هٿ ڪيا ويا آهن جنهن تحت جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو

  • ميرپورخاص ۾ ڊي آءِ جي وٽ امن امان جي حوالي سان گڏجاڻي

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڊي آء جي ميرپورخاص ذوالفقار مھر جي صدات ۾  ميرپورخاص ضلع ۾ امن امان جي صرتحال جي حوالي سان اجلاس منعقند ڪيو ويو  اجلاس ۾  ايس ايس پي ميرپورخاص ڪيپٽن (ر) اسد علي چوڌري ۽ ضلعي جي تمام ايس ڊي پي اوز ڊي ايس پي  سي آء اي ۽ ٻين پوليس جي عنلدارن شرڪت ڪئي  اجلاس کي خطاب ڪندي ڊي آء جي ذوالفقار مھر پوليس  چيو ته ضلعي ۾ امن امان قائم رلڻ ۽ عوام جي جان مال جي حفاظت ڪرڻ اسان سڀني جو فرض آھي ضلع ۾ منشيات جي وڪري سميت ڏوهن کي ختم ڪرڻڻ لاء پوليس عملدارن کي پنهنجن ٿاڻن جي حدن ۾ ڏوهارين ۽ منشيات فروشن خلاف جاري ڪاروائينکي تيز ڪيو وڃي هن پوليس عملدارن کي هدايت ڪندي چيو ته شھر جي ھر موڙ تي  ڳاڏين جي سنيپ چيڪنگ ڪئي وڃي  رات جو پوليس جو گشت واڌايو وڃي شھرين سان سٺو سلوڪ ڪري ۽ عام جي جان مال جي حڦاظت کي يقيين بڻائي عوام جو پوليس تي اعتماد کي وڌايووڃي هن چيو ته امن امان جي صورتحال کي بهتررکڻ ۽ ڏوهن تي ظابطو آڻڻ ۾ ڪا به ڪوتاهي  برداشت نه ڪئي ويندي عوام جي جان مال جي حفاظت ۽ ڊيوٽي ۾ ڪوتاهي برتندڙن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

  • نئين ڪوٽ مان حددخليون هٽائڻ جو حڪم

نئون ڪوٽ (ن ع آ ) نئون ڪوٽ اسٽنٽ  ڪمشنر جھڏو  ۽ ٽائون انتظاميـ نئون ڪوٽ طرفان سپريم ڪورٽ  آف پاڪستان ۽ ڊي سي ميرپورخاص حڪم تي سرڪاري ملڪيت تي قبضو ڪري اڏاوتون  ڪندڙن کي ھفتي اندر پاڻ مرادو حد خليون ختم ڪرڻ جو نوٽيس ڏيندي اڏاوتون  ڊاھڻ جو حڪم ڏنو آهي واضع رھي تـ قبضا مافيا رضوي پبلڪ پارڪ نئون ڪوٽ جي سائيڊن کان قبضا ڪري گھر ٺاھي ڇڏيا آهن رضوي پبلڪ پارڪ نئون ڪوٽ لاء ٻـ ايڪڙ 10_گھنٽا زمين سماجي اڳواڻ  ڊاڪٽر احمد رضوي سندس نالي سان پارڪ ٺاھڻ واسطي ذاتي زمين سرڪار کي عطيو ڪئي جيڪا ھيئر ٽائون ڪميٽي  نئون ڪوٽ جي ملڪيت آهي ۽ رضوي پبلڪ پارڪ ۾ عاليشان شاھ عبدالطيف  لائبريري پڻ موجود آهي جيڪا انتظاميـ جي عدم توجھي سبب زبون حالي جو شڪار آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.