لاڙڪاڻي ۾ ڪسٽم عملدارن ۽ اي سي جي ڪارروائي، سامان هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڪسٽم اختيارين اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو سان گڏجي شهر جي نيو بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ڇاپو هڻي 10 کان 15 لک روپين جي ماليت جو اسمگل ٿيل پرڏيهي سامان هٿ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان حوالي سان ڪسٽم جي سينيئر انٽيليجنس آفيسر احمد حسين جوڻيجو ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع تي نيو بس اسٽينڊ واري علائقي ۾ ڪوئيٽا کان وايا شھداڪوٽ ايندڙ گاڏي تي ڇاپو هڻي اسمگل ٿيل ايراني تيل، موبائل آئل ۽ تارا سوپاريون هٿ ڪيون ويون آهن جن جي ماليت 10 کان 15 لک روپيا آهن. هن ٻڌايو ته اسمگل ٿيل سامان ضبط ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون تمام جلد اهڙو ڪيس پڻ داخل ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.