جي ڊي اي ايم پي اي معظم عباسي ڊرٻ ميهر شاهه پهتو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي مان چونڊيل جي ڊي اي جي ايم پي اي ۽ لاڙڪاڻو عوامي اتحاد جي اڳواڻ معظم علي خان عباسي خيرپور ضلعي  سيد عبدالقادر شاهه جيلاني جي دعوت تي درگاهه ڊرٻ ميهر پهتو جتي هن جلسي ۾ شرڪت ڪئي. بعد ۾ هن لاڙڪاڻي پنهنجي رهائشگاهه پهچي مختلف مڪتبه فڪر سان واسطو رکندڙ شهرين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي معظم علي خان عباسي چيو ته سنڌ جي بند پيل اسڪولن تي سياسي ڀوتارن جا قبضا آهن ۽ انهن ڀوتارن کي سنڌ حڪومت جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن ڪري لکين معصوم ٻارڙا اسڪول کان ٻاهر آهن. آءُ چيف جسٽس سنڌ کي اپيل ڪندس ته هو نوٽيس وٺي ڀوتارن جي قبضي هيٺ اسڪولن کي کولرائڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي جيئن ٻارن جي مستقبل کي روشن بڻائي سگهجي. هن چيو ته آءُ عدالتن جي اندر خونريزي جي مذمت ڪيان ٿو، هاڻي لاڙڪاڻي ۾ عدالتون به غير محفوظ آهن، عام ماڻهن سميت زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو کي پوليس تحفظ ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي چڪي آهي. هن چيو ته سنڌ جي حڪمرانن لاڙڪاڻي کي ويڳاڻو ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري شهر جي هر علائقي ۾ شهري مختلف مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي تنهن ڪري سنڌ جو عوام سندس ياد ۾ 27 نومبر تي لاڙڪاڻي جي اسٽيڊيم ۾ رٿيل شهيد اسلام ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت ڪري

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.