ٽنڊي الهيار ڀرسان اغوا ٿيل ناري آزاد نه ٿي، وارثن جو احتجاج

ٽنڊوالهيار (ڊ ر) ٽنڊوالهيار تعلقي چمبڙ جي ڳوٺ ونگي اوٺا جي رهواسي محمد حسن اوٺو 22 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيندڙ فرحانه اوٺو جي بازيابي لاء ٽي ڏينهن به فرزانه اوٺو . الهرکيو اوٺو . عبدالجبار . شوڪت ء . شفيع محمد اوٺو سان گڏ ٽنڊوالهيار پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال تي وهي احتجاج ڪيو ان موقعي تي محمد حسن اوٺو . فرزانه اوٺو ء ٻين صحافين اڳيان دانهيندي چيو ته 22 ڏينهن اڳ اسان جي نياڻي فرحانه اوٺو ٽنڊوالهيار شهر جي ميرواه روڊ تي دوا وٺڻ لاء آئي هئي جنهن کي نامعلوم ماڻهون اغوا ڪري ويا اسان حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس منهنجي ڌيء کي بازياب ڪرائڻ لاء ڪي به ڪوششون نه پئي وٺي اسان پوليس وٽ بار بار وياسين پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو هن چيو ته اسان چمبڙ ويجهو ڳوٺ ونگي اوٺا جا رهواسي آهيون فرحانه ڀيڻ سان گڏ ڳوٺان کان ٽنڊوالهيار دوا وٺڻ آئي هئي هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته نياڻي فرحانه اوٺو کي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.