ڪراچي ۾ وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي ۾ثقافتي پروگرام

گلشن اقبال (رپورٽ:شفقت نوناري) وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شاگردن جي واٽس ايپ گروپ ”سنڌي سٿ“ پاران اڄ سنڌيثقافت جو ڏيهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي فيڊرل اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس جي ڊين ڊاڪٽر ضياءُالدين، يونيورسٽي جي استادن ڊاڪٽر عرفان عزيز، ڊاڪٽر اصغر دشتي، ڊاڪٽر محمد اسماعيل موسيٰ،  پروفيسر روشن علي سومري، ڊاڪٽر سردار آحمد، ڊاڪٽر ياسمين سلطانا، پروفيسر ڪهڪشان، پروفيسر ثميره، پروفيسر نانڪي ٻائي، سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽرعنايت حسين لغاري، ڊاڪٽر سيما ابڙو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، ڊاڪٽرعبد الرحمان، شاه لطيف جي پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي،ڊاڪٽر احمد سومري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. پروگرام ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت لغاري سڀني مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي ياد ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي ان کانپوءَ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ياد ۾ شاگرد حسن سومري هڪ تاثي پيش ڪيو. انکانپوءِ ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان شاگردن ثقافت جي موضوع تي تقريرون، شاعري، گيت ۽ ٽيبلو پيش ڪيا. شاگردن سنڌ جي سورمين مارئي ۽ سسئيءَ جي داستانن تي ٽيبلو پڻ پيش ڪيا. پروگرام ۾ شاديءَ جي رسمن جو هڪ ٽيبلو پڻ پيش ڪيو ويو. شاگردن ثقافتي ڊريسون پائي ثقافتي واڪ پڻ ڪئي.  سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري پروگرام جي مقصديت بيان ڪندي چيو ته سنڌي شعبو گذريل چند سالن کان سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائي رهيو آهي. اسان کي فخر آهي ته اسين دنيا جي قديم ترين تهذيب جا والي وارث آهيون ۽ اسانجي وڌ کان وڌ اها ڪوشش آهي ته سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي ٻين ٻولين ۽ دنيا سان روشناس ڪرايون. ڊاڪٽر سيما ابڙو چيو ته سنڌي شعبي  جي پاران هن قسم جا پروگرام ڪرائڻ شعبي پاران غير تدريسي سرگرمين  کي فعال رکڻ جو هڪ ذريعو به آهي ته پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ به آهي. اصغر دشتي چيوته بلوچ ۽ سنڌي زبانن توڙي ثقافتن جو پاڻ ۾ تمام گهڻو ڳانڍاپو آهي. رمضان بلوچ, ڊاڪٽر ضياءَ الدين ۽ ٻين ڳالهايو.ان موقعي تي سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس واڌايون ڏيندي ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. ان موقعي تي ثقافتي شين ۽ لباسن جو اسٽال لڳايو ويو.

  • ٿاڻي بولا خان ۾ 5 ڊسمبر جي حوالي سان تقريب، شاگردن جو رقص

ٿاڻوبولاخان (ن ع آ ) ٿاڻوبولاخان جي ڳوٺ مهنداپالاري جي گورنميٽ برانچ هاء اسڪول ۾ شاندار ثقافتي تقريب منقعد ڪئي وئي جنهن ۾ اسڪول جي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي رنگارنگي تقريب ۾ اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين قومي گيت ، وائي پيش ڪيا ۽ قومي گيتن تي ٽيبلوز پڻ پيش ڪيو ۽ انساني هٿن جي زنجير پڻ ٺاهي اسڪول جي شاگردن بادل پالاري ، سڌير احمد پالاري ، مدثر حسين ، حنا قبول پالاري ، دعا پالاري ، امير خان پالاري ۽ ٻين قومي گيت ، وائي پيش ڪري سنڌ امڙ کي ڀرپور نموني ڀيٽا پيش ڪئي.

  •  قاضي احمد لڳ 5 ڊسمبر جي حوالي سان تقريب،  ملهه ملاکڙو

قاضي احمد(ن ع آ)   قاضي احمد ۾ سنڌ جي ثقافت توڙي سنڌي ٻولي جي عظيم محافظ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاء ثقافتي جشن لطيف جي عنوان سان فقير ميانداد سيلاني چانڊيو  صوفي راڳي ڪامران علي چانڊيو ۽ رضوان علي چانڊيو پاران نوراني شادي ھال ۾ ثقافتي پروگرام منعقد ڪيو ويو ثقافتي پروگرام جو افتتاح تقريب جي مھمان خاص ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظير آباد عامر حسين پنهور ۽ اسٽنٽ ڪمشنر قاضي احمد حافظ ذيشان ارشد ڪيو. ثقافتي جشن للطيف ۾ شھر جي سياسي سماجي صحافين ۽ ساڃاھوندن ڀرپور شرڪت ڪئي ھن ثقافتي جشن لطيف ۾ ادبي ڪانفرنس صوفي راڳ رھاڻ لوڪ موسيقي سگھڙ ڪچھري لطيف سائين جي بيتن ۾ آيل ثقافتي شين جي نمائش ڀليون ڏاند گاڏيون ڀلا اٺ ڀلا گھوڙا ۽ ثقافتي ملھ ملاکڙو پڻ ڏسان وٽان ھو.

  •  شاهه لطيف يونيورسٽي پاران 5 ڊسمبر جي حوالي سان جاڳرتا تقريب

خيرپور(س ر) جيئي سنڌ فيڊريشن جي سوين ڪارڪنن شاهه لطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ ثقافتي ڏهاڙو ملهايو. ان موقعي تي شاگردن ثقافتي ويس پٽڪو ۽ اجرڪ پائي يونيورسٽي اندر گشت ڪيو ان موقعي تي ياور مهيسر، ذيشان منڱريو، اسدالله مهيسر، احد شر، سلام سولنگي ، عرفان سيال ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ثقافت صديون پراڻي آهي ، جنهن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ هر سال ٽوپي اجرڪ ڏينهن ملهائيندا آهيون، جنهن ڪري سنڌين کي گهرجي ته هاڻي پنهنجي حقن خاطر هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿي پنهنجا حق حاصل ڪن ، نه ته سنڌ ۾ ڌاريا اڃان وڌيڪ سنڌ تي قابض ٿي سنڌ جا  حق هڙپ ڪري ويندا. هنن چيو ته سنڌ جي تعليم کي ڄڻ ته اڏوهي کائي وئي آهي تعليم جو نالو نشان نه آهي ، سنڌ جا اسڪول  ڍورن، ڍڱن ۽ گودامن ۾ تبديل ويا آهن، هنن چيو ته خيرپور ضلعي جي تعليمي ادارن جي حالت انتهائي خراب آهي تعليمي درسگاهن ۾ کوڙ مسئلا پيدا ٿي چڪا آهن  اسڪولن جو عمارتون زبون حالتن جو شڪار ٿي ويوآهن استادن جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي  آهي، هنن چيو ته سنڌ جا تعليمي ادار وڏيرن جون اوطاقون بڻيل آهن بدقسمتي سان وڏيرا پنهنجي ٻارن کي پرائيويٽ اسڪولن ۾ پڙهائن ٿا ۽ غريب جي ٻارن کي تعليم جهڙي زيور کان محروم رکن ٿا، هنن چيو ته خيرپور ضلعو گئس، تيل جي کوهن سان مالا مال آهي ساليانو ڪروڙين روپيا تيل جي مد ۾ ملن ٿا پر خيرپور ضلعي جي سمورن سرڪاري اسڪولن جي حالت ڳڻتي  حد تائين پهچي چڪي  آهي، ان ڪري هاڻي سنڌ جي ماڻهن کي گهرجي ته پنهنجي نياڻين پٽن کي تعليم ڏياري جهالت جو خاتمو ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.