مٺي ۾ قتل ڪيس ۾ 4 جوابدارن کي عمر قيد

مٺي (بيوروچيف) مٺي جي عدالت ڳوٺ آروکي واسي پيرسن وينجهراج ٺڪر جي قتل ڪيس ۾ نامزد 4 جوابدارن کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جون مختلف سزائون ڏيڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو،مٺي جي ايڊيشنل سيشن يوسف گل جي عدالت ڏيپلو تعلقي جي ڳوٺ آروکي ۾ سڳن سئوٽن هٿان ملڪيت جي تڪرار تان جهيڙي ۾ قتل ٿيل پيرسن جي ڪيس ۾ جوابدارن کي عمر قيد ۽ مختلف ڏنڊ جي سزائن جو فيصلو ٻڌايو آھي،4 مهينا اڳ سئوٽن وچم جهيڙي دوران 80 سالن جو پيرسن وينجهراج ٺڪر ڪهاڙيون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو هو ۽ ٻه جڻا زخمي ٿي پيا هئا مقتول جي پٽ رائسنگھ پاران قتل جو ڪيس سندس سئوٽن سروپ سنگھ،چهنسنگھ دليپ سنگھ ۽ سورت سنگھ مٿان ڏيپلو ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو هو،جهيڙي ۾ 2 ڄڻان زخمي پڻ ٿيا هئا. عدالتي فيصلي بعد جوابدارن کي جيل اماڻيو ويو،فريادي ڌر طرفان ڪيس جي پيروي نامياري قانوندان ظهير الدين نهڙيو ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.