گهوٽڪي ۾ چوري ٿيل موٽر سائيڪل نه ملي، ٿاڻي آڏو ڌرڻو

گهوٽڪي  ( ڊ ر ) گهوٽڪي ٿاڻي جي حد شاھ جماعت ڪالوني مان گذريل ٻه ڏينهن اڳ  موٽرسائيڪل چوري ٿي وئي جنھن جو اهڙو اطلاع گھوٽڪي ٿاڻي تي پڻ ڏنو ويو، پر  اي سيڪشن پوليس هن مهل تائين ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهين ڪيو، جنهن ڪري شاھ جماعت ڪالوني جا رهواسي عنايت الله مهر، شاهنواز مهر، محمد رفيق مهر، اصغر مهر ۽ ٻين اي سيڪشن ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن  چيو ته اسان جي موٽر سائيڪل چوري ٿي وئي آهي ۽ ايس ايڇ او صدورو لاشاري ڏانهن هر روز پنڌ ڪيون ٿا پر ملڻ لاءِ تيار ناهي اسان مجبو ٿي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هنيو آهي جيسينتائين ڊي ايس پي گهوٽڪي ۽ ايس ايڇ او گھوٽڪي اسان وٽ نه پهچندا تيستائين ڌرڻو جاري رهندو،  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽  ايس ايس پي گهوٽڪي ايس ايڇ او هٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.