تنگواڻي ٿاڻي تي ڇاپو، قيد ڄاڻايل 2 ڀائر هٿ نه آيا

تنگواڻي( ن ع آ ) ڊسٽرڪٽ  اينڊ سيشن ڪورٽ جي جج جمشيد علي اعواڻ جي حڪم تي سول ڪورٽ جي جج جوڊيشل مئجسٽريٽ منور علي پيرزادو پاران تنگواڻي پوليس ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو لڳايوويو، درخواستگذار حسين بخش بهلڪاڻي جي درخواست ۾ ايس ايڇ او غلام مرتضىٰ گورشاڻي جي قيد ۾ ڄاڻايل 2 ڀائر حسن علي ۽ علي حسن بهلڪاڻي هٿ نه اچي سگهيا، ايس ايڇ او غلام مرتضىٰ گورشاڻي ۽ ڊيوٽي انچارج کي سڀاڻي رپورٽ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم لکت ۾ جاري ڪيوويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.