دادو نوجوان پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش

دادو( ڊ ر ) دادو شهر جي جڳت آباد محلا جو رهواسي ڊيوٽي دوران فوت ٿيل پرائمري استاد ڀاون داس جو نوجوان پٽ ساگر دادو پريس ڪلب آڏو پاڻ مٿان پيٽرول هاري ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته پريس ڪلب تي موجود پوليس جي جوان کين بچائي ورتو، نوجوان صحافين آڏو دانهيو ته  والد پرائمري استاد هو ڊيوٽي دوران وفات ڪري ويو، 17 مهينا ٿي ويا آهن پينشن نه ٿي ڏني وڃي هن الزام هنيو ته تعليم کاتي جا عملدار پينشن جا ڪاغذ ٺاهڻ لاءِ رشوت طلب ڪري رهيا آهن 17 مهينن کان پينشن نه ملڻ سبب خاندان ڦاڪاڪشي ڪاٽي رهيو آهي ڪوبه انصاف ڪرڻ وارو ناهي جنهن سبب هو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي، نوجوان وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس والد جي پينشن جلد ڏياري خاندان کي ڦاڪاڪشي کان بچايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.