ميرپور بٺوري ۾ بدامني، هڪ رات ۾ 5 دڪانن کي کاٽ

ميرپور بٺورو (ن ع آ) ميرپور بٺورو ۾ وڌندڙ بدامني باوجود پوليس انتظاميا ڪابه ڪاروائي نه ڪئي، گذريل ڏينهن هڪ ئي رات ۾ 5 دڪانن کي لڳل کاٽ سميت موٽر سائيڪل چورين ۽ ڦر ۾ ملوث ڏوهاري گرفتار نه ٿي سگهيا انهي سلسلي ۾ ميرپوربٺورو ۾ گذريل هڪ مهيني کان جاري بدامني جي لهر جي باوجود ميرپوربٺورو پوليس انتظاميا ڏوهارين خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪئي آهي جنهن سبب ميرپوربٺورو مان هڪ ئي رات ۾ پوليس اسٽيشن سامهون قائم مارڪيٽ مان 5 دڪانن کي کاٽ سميت انهي رات ٿيل موٽر سائيڪل چوري بابت ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي، ميرپور بٺورو ۾ گذريل هڪ مهيني دوران پئٽرول پمپ ۽ دڪاندار گلاب کان وچ شهر ۾ ڦر جي وارداتن سميت سماجي ورڪر جميل ڪلاتري، درزي بابو لوهار ۽ شهري ثاقب خواجه جون موٽر سائيڪلون چوري ٿي ويون آهن جڏهن ته هر روز چوري جي واردات ٿيڻ معمول بڻجي ويو آهي جنهن ۾ احمد شاہ محلہ مان گهر مان اڍائي لک روپين جو سون، کٽي محلہ مان لکين رپين جو سامان، مهرشاه چوڪ تي مٺائي جي دڪان مان هفتي مان به دفعا چوري ۽ هڪ رات ۾ 5 دڪانن کي کاٽ هڻندڙ جوابدار قانون جي گرفت کان اڃا تائين آجا آهن،هوڏانهن وڌندڙ بدامني باوجود پوليس انتظاميا پاران ڏوهارين خلاف قدم نه کڻڻ سبب هتي جي سياسي سماجي تنظيمن جي ۽ شهرين ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي، شهرين مطالبو ڪيو آهي ڏوهي وارداتن ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ميرپوربٺورو ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.