پ پ جا نمائندا ماڻهو ماري رهيا آهن: ارباب رحيم

نئون ڪوٽ(رپورٽ زاھد مغل) 2018 جي عام اليڪشن ۾ نوابشاھ کان آزاد اميدوار ممتاز بروھي جي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم سان ملاقات ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم تي مڪمل اعتماد جو اظھار  ڪندي پاڪستان  تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ويو ان موقع تي ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن ڪري سنڌ کي يتم بڻائي ڇڏيو آهي  ڪوئي چيڪ بيلنس نـ آهي آئون 58 ٽو بي جو اھل آھيان سنڌ جي حالت اھڙي آهي جنھن ۾ گورنر راج جي ضرورت آهي پي پي سرڪار سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي پي پي جي منتخب ميمبر غريب ماڻھن کي خود قتل ڪري رھيا آهن عورتن جي عزت محفوظ نـ آهي اھڙي حالت ۾ غريب ماڻھون ڪيڏانھن وڃن ڪوئي انصاف نـ آهي انھن وڌيڪ چيو تـ سنڌ جي ڪافي معزز شخص رابطي ۾ آهن اھو بـ جلد پاڪستان  تحريڪ انصاف ۾ شموليت ڪندا ايندڙ اليڪشن  ۾ پاڪستان  تحريڪ انصاف سنڌ م اليڪشن  ٺاھيندي ان موقع تي سابق ايم اين اي ارباب ذڪاء الله ارباب انور عزيز ڏيرو ۽ ٻيا رھنما موجود ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.