عمران خان عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي:عوامي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري علي محمد پرويز ميمڻ پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته هڪ طرف تيل جون ڳاٽي ٽوڙ قيمتون وڌائي عوام مٿان مهانگائي جو ايٽم بم ڪيرايو ويو آهي ته ٻي طرف وري گئس اگهن ۾ ڏيڍ سئو سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. ايندڙ هفتي مني بجيٽ آڻڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، عوام مٿان ساڍا ٽي سئو ارب رپين جا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا، اڳواڻن چيو آهي ته نوان ٽيڪس لاڳو ٿيڻ، تيل ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ سان روز مره جي استعمال جي هر شئي جو اگهه چوٽ چڙهي وڃي ٿو، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب ملڪ جو پورهيت ۽ مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن. پورهيتن جا ٻچا فاڪاشي تي مجبور آهن. حڪمرانن آئي ايم ايف جي چوڻ تي مهانگائي ڪري پورهيتن ۽ مسڪين ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آهن، بي انتها مهانگائي سبب ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته وڏي تعداد ۾ تيل ۽ گئس جا ذخيره ملڪ ۾ موجود آهن، ان جي باوجود تيل ۽ گئس جون قيمتيون آسمان تي پهچايون ويون آهن، زرعي ملڪ جي ناتي سان گهڻي تعداد ۾ اناج ملڪ ۾ پيدا ٿئي ٿو، پر هڪ ڪلو اٽي جو وٺڻ لاءِ مزدور ماڻهو پريشان آهي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته هي ساڳيو عمران خان هو جنهن اقتدار کان اڳ عوام سان واعدو ڪيو هو ته هي آئي ايم ايف اڳيان جهول نه جهليندو، عوام تي ڳرا ٽيڪس نه مڙهيندو، پر اڄ عمران خان جي حڪومت مڪمل طور تي آئي ايم ايف جي چوڻ تي هلي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.