ٺٽو پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهه، ڌرڻو

ٺٽو (رپورٽ: منصور جلالاڻي ) ٺٽو پوليس نوجوان کي چوري جي الزام ۾ کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو، 3 ڏينھن گذري ويا نوجوان جي ڪابه خبر نه پئي، وارث عورتن جو قومي شاھراھ تي ڌرڻو، 6 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل، پوليس خلاف زوردار نعريبازي. خبر موجب 3 ڏينھن اڳ ٺٽي شھر جي ڊاڪٽر گلي جي رھواسي نوجوان رحمان داڳو کي ٺٽو پوليس جي اھلڪارن گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آھي، پوليس جي اھڙي عمل خلاف وارثن نوجوان جي ڏاڏيءِ حفيظان، شاھد، واحد ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ٺٽو اڳيان قومي شاھراھ تي ٽائرن کي باھيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنھن سبب 6 ڪلاڪن تائين ٽريفڪ معطل رھي ۽ روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏين جون قطارون لڳي ويون، احتجاج ڪندڙن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به پڻ شامل ھئا، جيڪي ٺٽو پوليس خلاف زوردار نعريبازي ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي نوجوان جي وارثن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس سندن نوجوان کي بيگناھ گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي، جيڪڏھن اسان جو نوجوان ڪنھن ڏوھ ۾ ملوث آھي ته کيس ظاھر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي پر نوجوان تي ڪو به ڪيس نه ھئڻ ڪري کيس کنڀي گم ڪري ڇڏيو آھي، جنھن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ٻيون اختياريون نوٽيس وٺن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.