سجاول لڳ پورهيت جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

سجاول( ن ع آ )سجاول لڳ ٽي هفتا اڳ ٻيلو پوليس جي حد ۾  قتل ٿيل علي غلام ملاح جا قاتل گرفتار نہ ٿيڻ خلاف مقتول جي وارثن مير حسنملاح جي اڳواڻي ۾ عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت پريس ڪلب سجاول  احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي انھي موقعي تي احتجاج ڪندڙن ٻڌايو ته ٽي هفتا اڳ سميجا برادري جي بااثرن سالار سميجو  ۽ بابو سميجو سندن نوجوان علي غلام ملاح کي بيدردي سان قتل ڪيو آھي ليڪن پوليس ڪيس داخل هجڻ باوجود مٿين جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري هنن چيو ته اسان جي نوجوان جي قتل ۾ ملوث بااثر ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون پڻ ڏيئي رھيا آھن، ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته  ٻن ڏينھن اندر مقتول علي غلام ملاح جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.