درياخان مري لڳ موٽر سائيڪل ۽ مزدا ۾ ٽڪر، عورت فوت

دريا خان مري ( ن ع آ )  دريا خان مري ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي تي ٻانڌي شگر مل وٽ موٽرسائيڪل ۽ مزدا آمھون سامھون ٽڪرائجي ويون حادثي جي نتيجي ۾ جاجھ موري جي رھواسڻ عورت سوڀ خاتون راڄپر موقعي تي فوت ٿي وئي جڏھن تہ موٽر سائيڪل سوار محمد ھارون راڄپر زخمي ٿي پيو فوتي عورت جو لاش ۽ زخمي کي ايمبولينس ذريعي رورل ھيلٿ سينٽر ٻانڌي پھچايو ويو زخمي ٿيل محمد ھارون راڄپر تفصيل ڏيندي ٻڌايو تہ اسان زال مڙس نوابشاھ کان ڪوٽ لالو پنھنجي ڳوٺ وڃي رھيا ھئاسون تہ ٻانڌي شوگرمل وٽ سامھون ايندڙ مزدا سان ٽڪر ٿي پيو جنھن ۾ منھنجي گھرواري موقعي تي فوت ٿي وئي ٻئي پاسي مزدا ڊرائيور واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ويو پوليس مزدا ۽ موٽر سائيڪل پنھنجي تحويل م وٺي ڇڏي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.