سردارن سنڌ ۾ رياست اندر رياست قائم ڪئي آهي: راشد سومرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ جميعت علماءِ اسلام طرفان27 نومبر تي شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي ياد ۾ رٿيل شهيد اسلام ڪانفرنس جي حوالي سان جي يو آءِ جي وفد جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ مولانا ناصر خالد محمود سومرو ۽ محبت کهڙو سان گڏجي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشيءَ سان ملاقات ڪئي جنهن بعد انهن ٽريفڪ سارجنٽ توڙي ٻين عملدارن سان گڏجي جلسي گاهه ۽ مھمانن جي سيڪيورٽي انتظامات سميت پارڪنگ ايرياز ۽ شھر جي مختلف علائقن جو دورو پڻ ڪيو ۽ جلسي گاهه ۾ صفائي ڪميٽي جي نگران ۽ ڪميٽي جي ميمبرن کي ھدايتون پڻ ڏنيون. ميڊيا سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد خالد محمود سومرو چيو ته سردارن رياست جي اندر رياست قائم ڪري ڇڏي آهي، سنڌ ۾ ھر طرف ظلم ۽ لاقانونيت آهي، سنڌ جي وڏيرن ۽ سردارن ھميشه ڌرتيءَ تي مظلوم عوام مٿان ظلم ڪيا آهن. ھن چيو ته مھانگائي ۽ بحرانن پويان صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جي نالائقي آھي، آءِ ايم ايف پاڪستان کان معاشي خودمختياري کسي ورتي آهي،ان موقعي تي  مولانا حميد الله سيال، مولانا طارق خالد محمود سومرو، آصف علي مگسي، مفتي نصير احمد ڀٽو، طارق حسين سومرو، مولانا عبدالجبار حيدري، عبدالقادر چانڊيو، فقير سڪندر علي نقشبندي،مولانا محمد طارق پنھور، مولانا محمد الياس چنا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.