اوٻاوڙو لڳ سي پيڪ پڪٽ تي هٿيار بندن جو حملو، اهلڪار قتل

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙو ۾ بدامني وڌي وئي پوليس امن ڪرائڻ ۾ ناڪام جتي اڄ اوٻاوڙو ٿاڻي جي حد سي پيڪ پڪٽ نمبر 15 تي نامعلوم هٿياربندن چڙھائي ڪري پوليس پڪٽ تي موجود اھلڪان مٿان سخت فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ ڊيوٽي تي مقرر اوٻاوڙو ٿاڻي جو پوليس اھلڪار امان الله ڌاريجو  گوليون لگڻ سبب  سخت زخمي ٿي پيو ھٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا،  زخمي اھلڪار کي ساٿي پوليس وارن کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڏنو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.