فيض گنج ۾ نوجوان کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف شهرين جو ٿاڻي آڏو ڌرڻو

فيض گنج (ن ع آ) فيض گنج پوليس ھٿان کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن شھرين سياسي سماجي  اڳواڻن پاران ٿاڻي آڏو احتجاج ڌرڻو نوجوان رحمت شر کي 2ڏھاڙا اڳ فيض گنج پوليس والي بال راند تان گرفتار ڪري  نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آهي قاز جنھن جي گمشدگي خلاف اڄ فيض گنج ٿاڻي آڏو ۽ مک چونڪ تي سوين ماڻھن احتجاج ڪيو آھي گم ٿيل نوجوان رحمت شر جي ڀاء سڪندر شر امير شر ڪامريڊ مرتضي شر سنڌ سڀا جي اڳواڻ انعام عباسي۔  جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻھن احتجاج ڪيو آھي گم ٿيل نوجوان جي وارثن موجب اسان جو نوجوان ڪنھن به ڪيس ۾ گھربل ناھي پوليس گرفتار ڪري گم ڪيو آھي  اگر ان تي ڪو ڪيس آھي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، وارثن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نوجوان اسان کي واپس نہ ڏنو ويو ته فيض گنج پوليس خلاف ڪورٽ وينداسين

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.