سکر ماڊل ڪورٽ ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن کي عمر قيد

سکر(رپورٽ :شفيع محمد ابڙو ) سکر جي ماڊل ڪورٽ  قتل ڪيس ۾ قيد ٽن جوابدارن کي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي  تفصيل موجب سکر جي ماڊل ڪورٽ جي جج ذڪاءُ الله ابڙو ممتاز ڪوري جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو فيصلي موجب جوابدار  اختيار شاهه، آفاق شاهه ۽ ساجد شاهه کي عمر قيد ۽ ٻه ٻه  لک روپيا  ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدار سينٽرل جيل سکر ۾ اڳ ئي قيد هئا، سزا واري فيصلي بعد جوابدارن کي واپس جيل نيو ويو، ياد رهي ته جوابدارن صالح پٽ جي رهواسي ممتاز ڪوري کي ڏيڍ سال اڳ قتل ڪيو هو پوليس ٽنهي جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل موڪليو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.