حيدرآباد ۾ پوليس اهلڪارن جو ڪيفي ملازمن تي تشدد

حيدرآباد(رپورٽر) ٿڌي سڙڪ تي ايگريڪلچر ڪامپليڪس جي علائقي ۾ قائم هڪ ڪيفي تي پوليس اهلڪارن چڙهائي ڪري مفت ۾ برگر نه ڏيڻ تان ڪيفي جي ملازمن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي خوف ۽ حراس پکيڙي ڇڏيو. پوليس اهلڪارن مبينا طور گٿا لفظ به ڳالهايا جڏهن ته گراهڪن کي به حراسان ڪيو ويو. پوليس اهلڪارن مبينا طور ڪيفي جي ملازم ۽ مالڪ جا ڪپڙا به ڦاڙي ڇڏيا ۽ رائفل جا بٽ به هنيا. ڪيفي جي ملازمن جي اهڙي دانهن بابت وڊيو وائرل ٿيڻ جي باوجود پوليس اختيارين ڪا ڪارروائي نه ڪئي آهي. ڪيفي جي مالڪ رضا ۽ سندس پارٽنر بلاول جو چوڻ آهي ته پوليس اهلڪار روزانو جي بنياد تي مفت ۾ کاڌو وٺي ويندا آهن. گذريل رات به معشوق نالي هڪ اهلڪار سادن ڪپڙن ۾ برگر وٺڻ آيو. مفت ۾ برگر نه ڏيڻ تي هن گهٽ وڌ ڳالهائي پنهنجي ٻين ساٿين کي موبائيل سميت گهرائي ورتو ۽ ڪيفي ۾ هنگامو ڪري ڪائونٽر مان 20 هزار رپيا ۽ موبائيل فون کڻي هليا ويا. هنن الزام هنيو ته انهن پوليس اهلڪارن جو تعلق جي او آر ٿاڻي جي پوليس سان آهي. هنن گهر ڪئي آهي ته پوليس جي ظلمن کان ماڻهن کي بچايو وڃي.

  • حيدرآباد ۾ الڳ جاين تان 2 ڄڻن جا لاش هٿ

    حيدرآباد(رپورٽر) مڪي شاهه ٿاڻي جي حد ۾ پوليس کي ريلوي ڦاٽڪ وٽان 65 سالن جي هڪ شخص جو لاش هٿ آيو جيڪو ايڌي معرفت مرده خاني ۾ رکرايو ويو آهي. جي او آر پوليس کي ٿڌي سڙڪ وٽان 40 سالن جي شخص جو لاش هٿ آيو جنهن کي پڻ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس مطابق ٻنهي ماڻهن جو موت به طبئي انداز سان ٿيو آهي پر انهن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي جنهن جي ڪري لاش مرده خاني رکرايا ويا آهن.

     

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.