جيڪب آباد ۾ جي يو آءِ جو مهانگائي، بدامني ۽ بي روزگار خلاف ڌرڻو

جيڪب آباد ( ڊ ر ) جمعيت علماءِ  اسلام  پاران مهانگائي، بدامني ۽ بي روزگاري خلاف هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو جي يو آءِ جي ضلعي امير ڊاڪٽر اي جي انصاري، سيد عبد الباسط شاهه فاروق احمد پهوڙ،مجاهد عبدالوهاب، بابو خان محمد، سعيد احمد پهوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ دفتر جي يو آءِ جونگل کان ڪڍيو ويو. مظاهري ۾ شهرين ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي،  جن کي هٿن ۾ بينرز ۽ پلي ڪارڊ هئا جن تي مهانگائي شيم شيم، بدامني نامنظور، نااهل حڪومت نامنظور، ڪرپشن نامنظور جهڙا نعرا لکيل هئا، مظاهرين مختلف رستن تي مارچ ڪيو ۽ حڪومت خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي بعد ۾ شهر جي اهم جامع مسجد چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي چئني طرفن کان روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو .ان موقعي تي ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ٻين مقررن چيو ته حڪمرانن ملڪي معيشت کي عالميب مالياتي ادارن وٽ گروي رکي ڇڏيو آهي ملڪي معيشت ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ بحرانن جو شڪار ٿيڻ حڪومت جي منهن تي چماٽ آهي. موجوده حڪومت عوام کي سبز باغ ڏيکاري ويساهه گهاتي ڪئي آهي ڀيانڪ مهانگائي عوام کي موت جي منهن ۾ ڏنو آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ پيٽرول ۽ بيون شيون عوام جي پهچ کان وڌيڪ ڪري عوام کي خود ڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي. پر هاڻي حڪومت جا ڏينهن ڳڻجي چڪا آهن انهن مطالبو ڪيو جلد نوان انتخاب ڪرائي ملڪ جون واڳون حقيقي منتخب نمائندن حوالي ڪري ملڪ کي بحران مان ڪڍي عوام کي سک جو ساهه کڻڻ ڏنو وڃي.ٻي صورت ۾ اسلام آباد طرف لانگ مارچ لاءِ تيار آهيون

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.