ڪورنگي مان کنڀي گم ڪيل شاگرد جي وارثن جو ملير ۾ احتجاج

ملير (ڊ.ر) ڪورنگي بلاول ڪالوني مان ڏيڍ مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل شاگرد آڪاش شمس الدين سرگاڻي جي وارثن عورتن ۽ مرد جو ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو، ڏيڍ مهينو اڳ رات جو دير سان ساده ڪپڙا پاتل اهلڪارن گهر ۾ گهڙي آڪاش شمس الدين سرگاڻي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا آهن، ان کانپوءِ اسان کي ڪابه خبر ناهي ته هو ڪٿي آهي، خبر موجب ڪورنگي بلاول ڪالوني لڳ الحمره سٽي مان ڏيڍ مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل شاگرد آڪاش شمس الدين سرگاڻي جي بازيابي لاءِ سندس وارث عورتن ۽ مردن پاران ڪرم سرگاڻي، محمد نواز سرگاڻي، دلنواز سرگاڻي جي اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته 07 آڪٽوبر تي ڪورنگي بلاول ڪالوني جي علائقي الحمره سٽي رات جو دير سان ساده ڪپڙا پاتل اهلڪارن چڙهائي ڪري شاگرد آڪاش شمس الدين سرگاڻي کنڀي کڻي ويا آهن، جنهن کانپوءِ هو گم آهي هنن چيو ته آڪاش شمس الدين سرگاڻي ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو آهي ۽ ڪاليج ۾ داخلا لاءِ ان فارم ڀرايو هو پر ڏيڍ مهيني کان هو گم آهي جنهن ڪري اسان سخت پريشان آهيون معصوم شاگرد جو ڪنهن به سياسي تنظيم سان ڪوبه تعلق نه آهي، ان جي باوجود کيس کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سندس والده کي دل جا دورا پئجي رهيا آهن، اسان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ ۽ ٻين کي اپيل ٿا ڪيون ته گم ٿيل شاگرد کي بازياب ڪرايو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.