قاتل ڊي ايس پي ۽ اهلڪار گرفتار ڪريو، ٺارو شاهه ۾ سولنگي اتحاد جو ڌرڻو

ٺاروشاھه ( ن ع آ ) ٺاروشاھ ۾ سنڌ سولنگي اتحاد طرفان  ويهه ڏينهن اڳ ڇڙتو پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوانن اطهر سولنگي ۽  محب سولنگي جاقاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف سنڌ سولنگي اتحاد جو مظھر سولنگي پوڙھو سولنگي، محرم سولنگي، امتياز سولنگي جي اڳواڻي ۾  پوليس خلاف نيشنل پريس ڪلب ٺاروشاھ تي  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي اڳواڻن ميڊياآڏو دانهيندي چيو ته اسان جي ٻن نوجوانن اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي کي ڊي ايس پي حميد پنهور ڇڙتو پوليس مقابلي ۾ ويهه  ڏينهن اڳ ڦورو ڄاڻائي بي گناهه قتل ڪيو هو جنهن جو عدالتي حڪم تي ڊي ايس  پي ۽ پنج اهلڪارن مٿان ڪيس داخل ٿيو هو مگر پوليس پنهنجي پٽي ڀائي جي ونگار وهندي کيس گرفتار نه ٿي ڪري جيڪو اسان سان ظلم آھي جنهن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا هنن وزير اعلي سنڌ کان مطالبو ڪندي چيو ته ڊي ايس پي حميد پنهور ۽ ٻين جوابدار اهلڪارن کي گرفتار ڪري شهيدن جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي هنن چتاءُ  ڏيندي چيو ته ڊي ايس پي حميد پنهور ۽ ھن جي ساٿين جوابدار اهلڪارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته ايس ايس پي نوشهروفيروز جي آفس آڏو احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويندو جيڪو ڊي ايس پي ۽ پوليس اهلڪارن جي گرفتاري تائين جاري رهندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.