گهوٽڪي ۾ بدامني، ٻه لک ڦر، مزاحمت تي واپاري زخمي، اسپتال منتقل

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهيل، گهوٽڪي لڳ قومي شاهراهه تي نئون روڊ ڀرسان نامعلوم هٿياربندن ميرپورماٿيلو جي واپاري ونود ڪمار کان هٿيارن جي زور تي 2 لک روپيه روڪ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، مذاحمت ڪرڻ تي واپاري کي هٿيارن جا بٽ ھڻي پڻ زخمي ڪيو ويو واقعي بعد واپاري ونود ڪمار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، رابطو ڪرڻ تي سرحد پوليس جو چوڻ هو ته معاملي جو اطلاع مليو آھي مگر هن مهل تائين ڪو به ماڻهون رپورٽ داخل ڪرائڻ ناهي پهتو، هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جلد ڦورن کي سوگهو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.