ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل ڏوڪري واسي جي آزادي لاءِ لاڙڪاڻي ۾ احتجاج

لاڙڪاڻو (ڊ ر ) ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ صوبدار سرگاڻي جي رهواسي مردن ۽ عورتن ڏيڍ مهينو اڳ ڪراچي مان مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان آڪاش سرگاڻيءَ جي آزاديءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي نوجوان جي ڀائرن حسنين ۽ عبدالرافع سرگاڻي پنهنجي مامي دلمراد، ناني دادلي، پڦي عظيمان خاتون ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته اسان اصل تعلقي ڏوڪري جي ڳوٺ صوبدار سرگاڻي جا رهواسي آهيون پر 20 سال اڳ اسان جو والد محمد سليم سرگاڻي لڏي ڪراچي جي باغِ ڪورنگي واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪري اتي ميڊيڪل اسٽور هلائيندو آهي. هنن چيو ته اسان جو ڀاءُ راڻيپور جي مظهر اسڪول ۾ ميٽرڪ جي تعليم حاصل ڪري راڻيپور هاءِ وي تي موجود هاسٽل ۾ رهندو هو جيڪو ڪجهه مهينا اڳ ميٽرڪ جا امتحاد ڏيڻ بعد ڪراچي آيو جتي هفتو هو دل جي تڪليف ۾ مبتلا هئڻ جي ڪري سندس جو علاج هلندڙ هو. هنن الزام لڳايو ته 7 آڪٽوبر جي رات ساڍي ٽي وڳي نامعلوم ماڻهن کيس بيگناهه گهر مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو جنهن کي ڏيڍ مهينو ٿي ويو پر ان جي باوجود سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو جنهن ڪري سخت پريشان آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته نوجوان کي آزاد ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.