ماٿيلي لڳ گهر تي چڙهائي ، فائرنگ، پورهيت زخمي، احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ) ميرپور ماٿيلو؛ ڳوٺ محمد پور ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ پنھنجي برادري جي بااثر ماڻهن خلاف احتجاج، اسان جي برادري جو عظيم چاچڙ سميت 20 ڄڻا ھٿيار سان اسان جي گھر تي حملو ڪري مٿن فائرنگ ڪئي، ڳوٺاڻا تفصيل موجب ڳوٺ محمد پور ۾ ڳوٺاڻن جو پوليس ۽ پنھنجي برادري جي بااثرن عظيم چاچڙ، محمد نواز عرف پپو چاچڙ ۽ عبدالغفار چاچڙ ۽ ٻين پاران 5 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي محمد جمن چاچڙ، حضور بخش، حاجي صوبو چاچڙ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته گذريل رات اسان جي برادري جو عظيم چاچڙ سميت 20 ڄڻا ھٿيار سان اسان جي گھر تي حملو ڪري مٿن فائرنگ ڪئي، جنھن جي نتيجي ۾ محمد جمن زخمي ٿي پيو، ھٿيار بند اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر فائرنگ جي آواز تي ڳوٺاڻن ڇڏائي ورتو، ھنن چيو ته اسان گھر به خالي ڪري ويا آھيون، پر پوليس اسان جي مدد ڪرڻ بدران بااثرن جي ونگارو بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.