ويڪسينيٽرن کي ”ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري ڪار نه بڻايو

رپورٽن موجب ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو 23 هين ڏينهن به بک هڙتالي ڪمپ قائم ٿيل آهي. ان موقعي تي ويڪسينيٽر اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت جيستائين مسئلا حل نٿي ڪري تيستائين تحريڪ هلندي رهندي. سنڌ حڪومت کي اهو ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته هاڻي اسان کي هنن جي ڳالهين تي ڪو به اعتبار ناهي رهيو ۽ هاڻي مطالبا ليٽر ذريعي حل ٿيندا ته اسان احتجاج ختم ڪنداسين. هنن ٻڌايو ته انتظاميا ٽي ڀيرا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڏيئي ڦري وئي آهي. اسان جي احتجاج جي تحريڪ ان وقت ختم ٿيندي جنهن وقت انتظاميا پاڻ ڪئمپ تي اچي مطالبن جي حل جو ليٽر جاري ڪندي. اسان پنهنجن جائز مسئلن جي حل لاءِ ڪفن ٻڌي نڪتا آهيو ۽ هتان هٿين خالي واپس ڪنهن به صورت ۾ نه وينداسين. اسانجا مطالبا برطرف ملازمن جي بحالي، ٽائيم اسڪيل ۽ اپ گريڊيشن آهن.

هوڏانهن ٻي رپورٽ موجب سنڌ ۾ ويڪسينيٽرن جي هڙتال سبب ارڙي ۽ روبيلا مهم مناسب طريقي سان نه هلڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ويڪسينيٽرن جي هڙتال سبب ڏهاڙي تي ماڻهو رکي اها مهم شروع ڪئي آهي جنهن جي ڄاڻ ۽ مناسبت تربيت نه هئڻ سبب ٻارڙن جي حياتي جي حوالي  سان خدشا پيدا ٿي ويا آهن. شهرين سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته خدارا ويڪسينيٽرن کان ڪم ڪرايو ته جيئن معصوم ٻارن جون حياتيون محفوظ رهن.

اسانکي مٿي ڄاڻايل رپروٽ پڙهي حيرت ٿي آهي ته ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن جي هڙتال 23 هين ڏينهن ۾ داخل ٿي آهي. ۽ حڪومت ان مسئلي کي 23 ڏينهن گذرڻ باوجود حل نه ڪري سگهي آهي. ٻي حيرت اها رپورٽ پڙهي ٿي آهي ته تربيت يافته ويڪسينيٽرن جي هڙتال سبب غير تربيت يافته ڏهاڙي تي رکيل ماڻهن کان ارڙي ۽ روبيلا جي مهم هلرائي پئي وڃي ۽ ٽين حيرت ميڊيا ۾ آيل ان رپورٽ تي آهي ته ويڪسينيٽرن مطالبن جي مڃتا لاءِ 22 نومبر تي سي ايم هائوس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته روايتي طور تي پوليس پاران رنڊڪون وڌيون ويون يعني رستا روڪ ڪئي وئي جيڪو غير جمهوري عمل هو. نه رڳو رستاروڪ ڪئي وئي پر ڪيترن ويڪيسنيٽرن کي پوليس گرفتار به ڪيو.

ڪنهن به عوامي حڪومت ۾ احتجاج ڪندڙن کي غير جمهوري طريقي سان انتظامي طاقت سان جائز مسئلن جي مطالبن تي روڪيو وڃي ته ان عمل تي انتهائي افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪري سگهجي ٿو. اسان هنن ئي ايڊيتوريل ۾ ڪيترائي ڀيرا ان الميي جو اظهار ڪيو آهي ته اسان وٽ حڪمراني جو طريقو ئي غلط آهي، ان جو قبلو ئي صحيح  ناهي. تنهن ڪري اهڙا مسئلا روز ٿين ٿا ۽ ميڊيا بدترين حڪومتي واقعن سان ڀري پئي آهي. حڪمرانن جي حڪمراني جو اصل مقصد ” خادم“ ٿي عوام جي ”خدمت“ ڪرڻ هوندي آهي نه ڪي مٿن بادشاهي ڪرڻ هوندي آهي. جيستائين حڪمرانن جو عوام ڏانهن رويو درست نه ٿيندو تيستائين اهڙن انيائن جي روڪٿام نه ٿيندي ۽ بدترين حڪمراني جي نتيجن کي عوام ڀوڳيندو رهندو.

ٻيو ته ڇڏيو پر حڪومت ويڪسينيٽرن جي ڏنل يادگار خدمتن  جو احترام به نٿي ڪري جن ڪورونا وبا جي موتمار وقت ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندي عوام جي ويڪسينيشن ڪئي ۽ ان نتيجي ۾ ان موتمار وائرس تي ڪجهه ضابطو آيو آهي پر اهو اڃا مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيو. مسئلو  رڳو ڪورورنا وائرس جو ناهي پر صحت جي حوالي ۾ ٻين مهمن ۾ پڻ انهن تربيت يافته ويڪسينيٽرن جي ضرورت پوندي پر حڪومت لڳي ٿو ته” ڪم لٿو ڊکڻ وسريو“ واري ڪار ويڪيسينيٽرن سان ڪرڻ گهري ٿي  جنهن خلاف ويڪيسينيٽر سراپا احتجاج آهن.

اسان جو خيال آهي ته حڪومت ويڪسينيٽرن جي مطالبن جو اوليتي بنياد تي حل ڪڍي ۽ انهن جي ملازمت ختم ڪرڻ بدران انهن کي انعام طور اپ گريڊ ڪري. اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته حڪومت ويڪسينيٽرن جا مطالبا حل ڪرڻ بدران سندن هڙتال جي نتيجي ۾ هڪڙن غير تربيت يافته ماڻهن کان ڏهاڙي تي ارڙي ۽ روبيلا مهم  هلرائي رهي آهي جنهن مان شهري ڪنهن ريت به مطمئن ناهن. پر جيڪڏهن حڪومت ويڪيسينيٽرن جا مسئلا حل ڪري ان تربيت يافته عملي کي مستقل ڪري، انهن جون خدمتون وصول ڪري ته ان ۾ ئي عوام جو ڀلو آهي ۽ ان سان ئي حڪومت جي نيڪنامي ٿيڻي آهي.

ويڪسينيٽرن جي اڄ به ضرورت آهي ۽ اڃا به رهندي پنهنجي ملڪ اندر جيتريون بيماريون آهن انهن جي علاج لاءِ اوترا وسيلا ناهن. پر جيڪڏهن اٽي ۾ لوڻ برابر صحت لاءِ ڪو ڪم ٿئي ٿو ته ان کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. صحت لاءِ تمام گهڻي ڪم جي گنجائش آهي ۽ ان لاءِ حڪومت کي تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ گهرجي. صحت، تعليم، روزگار ۽ امن امان تي وڌ کان وڌ بجيٽ رکي وڃي.

جيستائين ويڪسينيٽرن جي احتجاج جو معاملو آهي ته حڪومت ان معاملي کي به حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. يعني سندن جائز مطالبا به نه مڃي سگهي آهي. هي ويڪسينيٽر جيترو وقت ۽ جيترا ڏينهن احتجاج ڪندا ته اهو حڪومت ۽ عوام لاءِ ئي ڀلو نه ٿيندو تنهن ڪري انتهائي سچائيءَ سان ويڪسينيٽرن سان ڳالهايو وڃي ۽ مسئلا حل ڪري درست رخ ۾ وک وڌائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.