وفاقي اردو يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران ملهايل سنڌي ثقافت جو ڏيهاڙو

؛رپورٽ: سيما ابڙو

وفاقي اردو يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شاگردن جي واٽس ايپ گروپ ”سنڌي سٿ“ پاران سنڌي ثقافت جو ڏيهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي فيڊرل اردو يونيورسٽي عبدالحق ڪيمپس جي ڊين ڊاڪٽر ضياءُالدين، يونيورسٽي جي استادن ڊاڪٽر عرفان عزيز، ڊاڪٽر اصغر دشتي، ڊاڪٽر محمد اسماعيل موسيٰ،  پروفيسر روشن علي سومري، ڊاڪٽر سردار احمد، ڊاڪٽر ياسمين سلطانا، پروفيسر ڪهڪشان، پروفيسر ثميره، پروفيسر نانڪي ٻائي، سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽرعنايت حسين لغاري، ڊاڪٽر سيما ابڙو، ڊاڪٽر عابده گهانگهرو، ڊاڪٽرعبد الرحمان، شاه لطيف جي پارکو ۽ محقق ڊاڪٽر شير مهراڻي، ڊاڪٽر احمد سومري، نامياري ليکڪا ۽ شاعر گوري ولڀ ، پير عبيد راشدي،  واحد سومري، اظهر ٻانڀڻ، سر سيد گرلس ڊگري ڪاليج جي پروفيسر قمرالنساءِ گهانگهرو، پروفيسر عابده مهر، لياريءَ جي سماجي شخصيت واحد بلوچ ۽ رمضان بلوچ ڪراچي ڪاليج جي پروفيسر ذڪيه ٽالپرسميت اردو يونيورسٽيءَ جي ڪيترن ئي استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

پروگرام ۾ سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت لغاري سڀني مهمانن کي ڀليڪار ڪيو، ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي ياد ڪندي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان کانپوءَ ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي ياد ۾ شاگرد حسن سومري هڪ تاثر پيش ڪيو. انکانپوءِ ثقافتي ڏينهن جي مناسبت سان شاگردن ثقافت جي موضوع تي تقريرون، شاعري، گيت ۽ ٽيبلو پيش ڪيا. شاگردن سنڌ جي سورمين مارئي ۽ سسئيءَ جي داستانن تي ٽيبلو پڻ پيش ڪيا. پروگرام ۾ شاديءَ جي رسمن جو هڪ ٽيبلو پڻ پيش ڪيو ويو. شاگردن ثقافتي ڊريسون پائي ثقافتي واڪ پڻ ڪئي.

پروگرام ۾ مختلف مهمانن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سنڌي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عنايت حسين لغاري پروگرام جي مقصديت بيان ڪندي چيو ته سنڌي شعبو گذريل چند سالن کان سنڌي ثقافت جو ڏينهن ملهائي رهيو آهي. اسان کي فخر آهي ته اسين دنيا جي قديم ترين تهذيب جا والي وارث آهيون ۽ اسانجي وڌ کان وڌ اها ڪوشش آهي ته سنڌي ثقافت ۽ تهذيب کي ٻين ٻولين ۽ دنيا سان روشناس ڪرايون. اسان پنهنجي شاگردن کي تدريسي توڙي غير تدريسي سرگرمين لاءِ همٿائيندا رهون ٿا ۽ هن قسم جي پروگرامن ۾ شاگردن جي دلچسپي جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا. سنڌي شعبي جي  استاد ڊاڪٽر سيما ابڙو چيو ته سنڌي شعبي  جي پاران هن قسم جا پروگرام ڪرائڻ شعبي پاران غير تدريسي سرگرمين  کي فعال رکڻ جو هڪ ذريعو به آهي ته پنهنجي ٻوليءَ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪرڻ به آهي. اسان کي خوشي آهي جو اسان جا شاگرد ان سلسلي ۾ پرجوش آهن. ۽ ههڙا ميلا مچائڻ ۾ دلچسپيءَ سان حصو وٺن ٿا. ڊاڪٽر اصغر دشتي چيوته بلوچ ۽ سنڌي زبانن توڙي ثقافتن جو پاڻ ۾ تمام گهڻو ڳانڍاپو آهي. سنڌي ثقافت جي ترجماني ائين محسوس ٿئي ٿي ڄڻ ته بلوچي ثقافت جي ترجماني ٿي رهي هجي. رمضان بلوچ چيو ته سنڌ جي ثقافت جيتري پراڻي آهي، ان تي اسان سڀني کي فخر آهي. ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته شاه عبدللطيف پنهنجي ڪلام وسيلي سنڌ جي ثقافتي قدرن کي نروار ڪيو آهي. شاه جو هر ڪردار سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب سميت سنڌ جي اعليٰ روايتن جي پاسداري ڪندي نظر اچي ٿو. هن چيو ته فيڊرل اردو يونيورسٽي جو سنڌي شعبو سندس ٻيو ڊپارٽمينٽ آهي. هن ان موقعي تي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي کي ساريندي کيس شاهه لطيف جي بيتن سان ڀيٽا پيش ڪئي. عبدالحق ڪيمپس جي ڊين ڊاڪٽر ضياءُالدين چيو ته سنڌ جي تهذيب اسان لاءِ فخر جو سبب آهي. اسان خوشنصيب آهيون جو دنيا جي قديم ترين تهذيب جا وارث آهيون. تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو اسان جا نوجوان جوش ۽ جذبي سان پنهنجي ڌرتيءَ جي ثقافت کي دنيا سان روشناس ڪرائڻ لاءِ ههڙا پروگرام ڪن ٿا. اهي پروگرام جاري رهڻ گهرجن.

ان موقعي تي سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر عابده گهانگهرو جي جنم ڏينهن جي موقعي تي کيس واڌايون ڏيندي ڪيڪ پڻ ڪٽيو ويو. ان موقعي تي سنڌي شعبي پاران آيل مهمانن کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا.  پنڊال ڀرسان ثقافتي شين ۽ لباسن جو اسٽال لڳايو ويو ۽  ڪراچيءَ جي متحرڪ مرڪ پبليڪيشن ۽ سنسار پبليڪيشن پاران ڪتابن جا اسٽال هنيا ويا. آخر ۾ سنڌي سٿ پاران پروگرام ۾ حصو وٺندڙ شاگردن ۾ سرٽيفيڪيٽ ورهايا ويا. پروگرام جي ڪارروائي ڊاڪٽر عابده گهانگهرو ۽ شاگردن سرفراز مسڻ ۽ فهد هلائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.