معصوم ٻارن جي قتل ۽ بد فعلي جا وڌندڙ واقعا

تحرير؛اشرف لاريب

گذريل سال خيرپور واسي ڏهن سالن جي انيسا سولنگي سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي وارو واقعو اخبارن ۾ گردش ڪندي نظرن مان گذريو ۽  هڪدم اوجهل ئي مس ٿيو ته  ساڳئي  شهر خيرپور ۾ لاڙڪاڻي واري پل ڀرسان ڳوٺ علي مراد ڪلهوڙي سان تعلق رکندڙ 9 ورهين جو معصوم سعيد احمد پٽ گل مير ڪلهوڙي سان  نا معلوم ماڻهن پاران ڏاڍائي بعد کيس گهٽا ڏئي ماري شلوار کان آجو لاش ڳوٺ ٻاهران ڦٽو ڪيو ويو. ائين گذريل هفتي ٻٻر لوءِ ڀر سان دوهو واري علائقي ۾ ڏهن سالن جو ڪانها ڪمار سان ڏوهارين کيس بد فعلي بعد سروٽا هڻي بي دردي سان قتل ڪري پنهنجو گناهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙا ڪيترائي سوين ڪيس اسان جي نظرن کان اوجهل هوندا  جيڪي اسان جي سامهون اچي نه سگهندا آهن .جنسي ڏاڍائين وارا واقعا وڌي وڃڻ اسان سڀني لاءِ سواليا نشان آهن. ان کان علاوه اسان سڀني کي اهو چتاءُ ڏين  ٿا ته اسان جو آئينده جو  مستقبل  ٻار هاڻي خطري ۾ آهن. خاص ڪري پنڌ ڪندڙ ٻارن کان وٺي ڏهن کان ٻارهن سالن جا ٻار جيڪي جسماني ۽ ذهني طور  سان تمام ڪمزور ٿين ٿا  پاڻ کي نه سنڀالي سگهندڙ ٻار آهن،

اخبارون کڻي ڏسو يا پوليس اسٽيشن تي درج ٿيندڙ رپورٽون هجن تقريبن ايتري  عمر جا ٻارڙا جنسي هوس بعد قتل ڪيا وڃن ٿا،ٻار جيڪي ڪنهن زماني ۾ ننڍي هوندي گڏجي راند روند ڪندا هئا پنهنجي گهرن جي ٻاهر ميدان ۾ لڪ لڪوٽي ،بيڊمنٽن،ڪرڪيٽ رسي ٽپا اهڙيون ڪيتريون ئي رانديون جيڪي ٻارن کي مصروف رکڻ سان گڏو گڏ  انهن جي ذهني واڌ ويجهه ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون هيون جنسي ڏاڍائي وا را واقعا وڌي وڃڻ سان ٻار آزادي سان هاڻي کيڏي ڪڏي به نه سگهندا  ۽ اسان جي گهرن جي آس پاس وارا ميدان سنسان ۽ ويران ٿيندا پيا وڃن ،جنهن زماني ۾ شام جو راندين ڪري رونق هوندي هئي اڄ اهي پاڙا گهٽيون ٻارن کان سواءِ خالي خالي ٿي ويا آهن ،هر طرف خوف جو  راڪاس ڇائجي ويو آهي  .جيڪڏهن  جنسي ڏاڍاين وارن واقعن جي خوف کان  ٻار رانديون نه کيڏندا ته پوءِ ٻارن جي ذهني صلاحيت نه وڌي سگهندي نتيجي ۾  ٻار صحيح نموني تعليمي ڪارڪردگي به نه ڏيکاري سگهندا ۽ جديد ترين علم کان نا واقفيت  سان اسان جي معاشري ۾ بگاڙ پيدا ٿيندو انهيءَ وڏي مسئلي تي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ مسئلي جي حل لاءِ وڏي پئماني تي ڪوششون وٺڻ گهرجن ته جيئن اسان جو نئون نسل آزادي سان گهمي ڦري ۽ راند روند ڪري سگهي،

سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته آخر اسان جي سماج م ئي ڇو اهڙي قسم جا واقعا وڌي ويا آهن انهن واقعن جي پٺيان سبب ڪهڙا آهن اهڙا واقعا بدلندڙ موسمن ۾يعني سيارو شروع ٿيندي يا گرميون شروع ٿيڻ واري موسمن ۾  وڌيڪ رونما ٿيندا آهن اها ڳالهه سنجيدگي سان سوچڻ جهڙي  آهي.انهيءَ ڳنڀير مسئلي جي حل لاءِ منهنجي خيال ۾ اسان کي هڪ پاسي ماحول ۽ ٻئي پاسي اسان کي پنهنجي اوليتن جو جائزو وٺڻو پوندو.اسان کي اردگرد جي ماڻهن جي نقل وحرڪتن کي نظر ۾ رکڻو پوندو نظر اندازي واري رجحان کي ختم ڪرڻ گهرجي گهڻو تڻو اسان جي معاشري ۾ والدين پنهنجن ٻارن کي پاڙي ۾ ڪا شيءِ وٺڻ لاءِ اڪيلو ڇڏي ڏيندا آهن اهو چئي نظر انداز ڪندا آهن ته اسان جو ٻار دلير آهي active آهي ان ڪري هن کي ڇڏي ڏيندا آهن ،اسان وٽ اها ڳالهه پڻ عام جام آهي ته اهڙي قسم جا واقعا ٻڌڻ سان ئي ٻن ٽن ڏينهن لاءِ احتياط ڪندا آهيون ڏينهن گذرڻ کان پوءِ وري لاپرواهي ڪري ٻارن کي اڪيلو ڇڏي ڏيندا آهيون .

اسان جي ڳوٺن توڙي شهرن ۾  اسان جا والدين اڃا به ان پراڻي فارمولي تحت پنهنجن ٻارن سان ورتاءِ ڪن ٿا ۽ گهر کان ٻاهر انهن جي رهڻي ڪهڻي ۾ ايترو فرق ڪونه آيو آهي جيترو اچڻ گهرجي.جنسي ڏاڍاين وارا واقعا گهڻو تڻو انهن علائقن ۾ ٿين ٿا جتي ٻهراڙي آهي يا وري اتي ٿيندا آهن جتي ماڻهن جي اچ وڄ تمام گهٽ ٿئي ٿي،يا وري جتي والدين پنهنجن ٻارن تي گهٽ نظرداري ڪن ٿا ،يا وري ننڍي عمر واري ٻارن کي ڪنهن جي حوالي ڪن ٿا يا مزدوري ڪرائڻ لاءِ موڪلي ڇڏين ٿا.زينب،ڪيس،انيسه سولنگي،مونيڪا لاڙڪ، بشريٰ ،  سعيد احمد ۽ ڪانها ڪمار جهڙا واقعا هجن انهن سڀن جي پٺيان والدين  جا رويا آهن جن کي ڏسڻ ۽ غور طلب  آهن ،جنسي ڏاڍاين وارن واقعن جي روڪ ٿام لاءِ اسان کي حڪومت جي به مدد وٺڻ  گهرجي ۽ گڏو گڏ استادن کان به سهائتا حاصل ڪرڻ گهرجي .

اسان جو الميو آهي ته اسان جنسي ڏاڍاين وارن واقعن تي صرف ماتم ڪرڻ،۽ جلسا جلوس ۽ احتجاج ڪرڻ کي رڳو حل سمجهون ويٺا آهيون اسان کي ننڍي پئماني تي  سنجيدگي سان تحرڪ وٺڻ لاءِ مختلف ڳوٺن توڙي شهرن ۾ آگاهي مهم هلائڻ گهرجي . ۽ اپاءِ وٺڻ لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي ، پنهنجي مدد پاڻ تحت انهيءَ مسئلي جي حل لاءِ حڪومت سان پڻ سهڪار ڪرڻ گهرجي ،ڇاڪاڻ ته ترقي يافته ملڪن ۾ اتان جي عوام اهڙي قسم جي واقعن متعلق اتان جي حڪومت سان سهڪار ڪندي آهي .گهرن ۾ پنهنجن ٻارن کي انهن جي جوان ٿيڻ تائين ڪڙي نظرداري رکندا آهن ان لاءِ اسان جي والدين کي پڻ اهڙي قسم جا رويا اپنائڻ گهرجن ،ڪنهن به فرد تي انڌو اعتبار نه ڪرڻ گهرجي ٻار جي اسڪول،مدرسي،چاهي پورهيو ڪرائڻ دوران پوئيواري ۽ نظرثاني ڪرڻ گهرجي پنهنجي گهر ،اسڪول ۽ آس پاس ۾ موجود ماڻهن،اچ وڃ تي نظر رکڻ  گهرجي .والدين کي پنهنجي طورطريقن کي جديد دوٰر جي تقاضائن موجب پنهنجا رويا بدلائڻ گهرجن سهپ ،نوڙت ۽ دوستي وارو ماحول پنهنجن ٻارن کي ڏيڻ گهرجي .ٻارن کي اڪيلو هرگز به نه ٻاهر ڇڏڻ گهرجي . ان لاءِ حڪومت کي سنجيدگي سان سوچڻ گهرجي ، ڪاش !  معصوم ٻارن  جي قتل ۽ بد فعلي لاءِ به ڪو سخت  قانون هجي    جنهن سان اهڙن ظالمن جو به انت آڻي سگهجي !!!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.