ڪوٽ مير محمد ۾ ناريجااوڍا تڪرار تان پ پ اڳواڻ قتل، ڀائٽيو سخت زخمي،پوليس بي خبر

پيرجوڳوٺ/خيرپور (رپورٽ علي گل جوڻيجو+مختيار ڦلپوٽو) ڪنگري جي ڪوٽ ميرمحمد ۽ فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ اوڍا ۽ ناريجا برادري ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو آھي، جنهن جي نتيجي ۾  ڳوٺ مھرل ناريجو ڀرسان پيرڇتن شاھ اسٽاپ وٽ اڳواٽ تاڙ ۾ ويٺل هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا گوليون لڳڻ سبب پ پ  اڳواڻ ۽ ناريجا برادري جو چڱو مڙس محمد عثمان ناريجو ٿڏي تي قتل ٿي ويو، سندس ڀائيٽو وقار احمد ناريجو گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيو، فائرنگ جي آواز بعد ناريجا ۽  اوڍا برادري جي هٿياربندن وچ ۾ هڪ ڪلاڪ تائين فائرنگ جو سلسو جاري رھيو ۽ پوليس واقعي کان اڻڄاڻ بڻجي 4 ڪلاڪ بعد ۾ ڳوٺ مھرل ناريجو ۾ پھچي مقتول جو لاش تحويل ۾ وٺي پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آھي. پ پ اڳواڻ ۽ ناريجا برادري جي چڱي مڙس جي قتل بعد علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آھي ۽ ڌريون هڪٻئي خلاف مورچا بند ٿي ويون آھن، ان سلسلي ۾ مقتول جي وارثن پ پ اڳواڻ اسد الله ناريجو ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته اوڍا برادري کي ڊي آءِ جي جاويد عالم اوڍو هر ممڪن مدد ڪري رھيو آھي جنهن سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جا خطرناڪ ڏوھاري گهرائي ناريجا برادري تي استعمال ڪري رھيو آھي، ان سان گڏ پوليس معرفت ڳوٺ مھرل ناريجو سميت ٻين ڳوٺن جي سوين گهرن کي بلڊوز ڪري وڏو ناحق ڪيو آھي ۽ هن وقت به اوڍا برادري وٽ جديد اسلحو پوليس جي نگراني ۾ پھچايو وڃي ٿو.

  • سرچاءَ لاءِ اڳ به ڪوششون ڪيون،ڌريون هوڏ تي قائم آهن: ايس ايس پي خيرپور

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) ڪوٽ ميرمحمد لڳ اوڍا ناريجا هلندڙ خوني تڪرار ۾ قتل ٿيل پ پ اڳواڻ محمد عثمان ناريجو واري واقعي بابت ايس ايس پي خيرپور ملڪ ظفر اقبال ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي ته ڌرين جي هوڏ سبب بيگناھ جانيون گولين جي بک بڻجي رھيون آھن، جھيڙيندڙ ٻنھي ڌرين ۾ سرچاءَ لاءِ اڳ به ڪوششون ڪيون ۽ مستقبل ۾ به هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ قانوني طور تي سخت اپاءَ ورتا ويندا.

  • خوني تڪرار ۾ هيل تائين 15 جانيون ضايع، ڪيترائي اسڪول ۽ اسپتالون بند

پيرجوڳوٺ(ن ع آ)  ڪنگري جي ڪوٽ ميرمحمد ۽ فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ اوڍا ۽ ناريجا برادرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي نتيجي ۾ هن وقت تائين ڌرين جا 15 کان وڌيڪ ماڻھو قتل ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آھن، تڪرار سبب ڪيترائي اسڪول، اسپتالون بند ٿيڻ سان گڏ پيرجوڳوٺ، پريالوءِ، ڪوٽ ميرمحمد شھر ويراني جو ڏيک ڏئي رھيا آھن، ڄاڻايل علائقو نوگو ايريا بڻيل آھي، ڪروڙين رپين جا ڪيلن جا باغ، انبن جا باغ ۽ ٻيا فصل تباھ ٿي ويا آھن، ان سان گڏ ڌرين جا هٿياربند سرعام جديد هٿيار کڻي هڪٻئي جي ڳولھا ۾ رڌل آھن ڪنهن به وقت علائقي ۾ وڏي خوني ويڙھاند جو خدشو وڌو ويو آھي

  • اسان هر وقت ٺاهه لاءِ راضپو ظاهرڪيو آهي: عبدالرزاق اوڍو

پيرجوڳوٺ(ن ع آ) ڪوٽ ميرمحمد لڳ اوڍا، ناريجا هلندڙ خوني تڪرار بابت اوڍا برادري جي ماڻهن رحيم بخش عرف بروھي اوڍو، حاجي عبدالرزاق اوڍو رابطو ڪري چيو آھي ته اسان 10 ڏينهن اڳ ميڙمنٿ قافلي کي ٺاھ لاءِ راضپو ظاھر ڪيو هو ڪالھ  ڌاڙيل احمد ناريجو ۽ ساٿين اسان مٿان حملو ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪارن جي قتل واري ڪيسن ۾ گهربل محمد عثمان ناريجو قتل ٿي ويو اسان ناريجن سان هر وقت ٺاھ لاءِ راضپو ظاھر ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.