سنڌ جي سخت احتجاج بعد گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو، جلال پور ۽ چوبارا ڪئنالن جي منظوري ملتوي

اسلام آباد(م ڊ)  سنڌ ايڪنڪ جي اجلاس ۾ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو، جلال پور ۽ چوبارا ڪئنالن جي منصوبن خلاف سخت احتجاج ڪندي منصوبي جي ڀرپور مخالفت ڪري انهن منصوبن تي فوري طور ڪم بند ڪرڻ ۽ انهن تڪراري منصوبن کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. جڏهن ته گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو جي منصوبي تي سنڌ جي اعتراضن ۽ مخالفت تي ايڪنڪ منصوبي جي منظوري ملتوی ڪري اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ 5 رڪني ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. اربع ڏينهن ايڪنڪ جو اجلاس خزاني واري وفاقي صلاحڪار شوڪت ترين جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ايڪنڪ سنڌ جي ميمبر نثار کهڙي ويڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو جو منصوبو واڌاري ايجنڊا طور پيش ڪيو ويو ته ايڪنڪ ۾ سنڌ جي ميمبر نثار کهڙي گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو ۽ جلال پور چوبارا ڪئنالن واري منصوبن جي ڀرپور مخالفت ڪندي سنڌ طرفان سخت اعتراض اٿاريا،نثار کهڙو چيو ته گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو، جلال پور ۽ چوبارا ڪئنال منصوبا سنڌ جي وحدت جي خلاف ۽ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي جا منصوبا آهن ان لاءِ سنڌ کي گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو، جلال پور ۽ چوبارا ڪئنال جا منصوبا ڪنهن به صورت قبول ناهن،هن چيو ته اهي منصوبا سنڌ کي بنجر بڻائڻ ۽ پنجاب جي 2 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين  آباد ڪرڻ جي سازش آهي سنڌ ملڪ ٺاهڻ وارو صوبو آهي ان لاءِ سنڌ جي خلاف ڪو به منصوبو ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي برابر هوندو اجلاس ۾ سنڌ جي طرفان نثار کهڙو جي مخالفت ۽ اعتراضن تي ايڪنڪ گريٽر ٿل ڪئنال فيز ٽو منصوبي جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي ۽ صوبن جا خدشا ٻڌڻ ۽ ان تي اتفاق راٰءِ پيدا ڪرڻ لاءِ ايڪنڪ طرفان 5 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وفاق ۽ صوبن جا ايڪنڪ ميمبر شامل آهن جيڪي جلد صوبن جي اسٽيڪ هولڊرن جو اجلاس گهرائي انهن جا خدشا ٻڌندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.