سوئيڊن جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم جي ڪجهه ڪلاڪن ۾ ئي استعيفيٰ

اسٽاڪ هوم(م ڊ) يورپي ملڪ سوئيڊن جي پهرين چونڊيل عورت وزيراعظم ميگڊيلينا اينڊرسن چونڊجڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، سوئيڊش پارليامينٽ 54 سالن جي ناڻي واري وزير ۽ سوشل ڊيموڪريٽس جماعت جي ميگڊيلينا اينڊرسن کي وزيراعظم چونڊيو هو، سندس حق ۾ 117 ۽ مخالفت ۾ 174 ميمبرن ووٽ ڏنا جڏهن ته 57 ووٽ نه وڌا، ميگڊيلينا اينڊرسن اتحادي جماعت گرين پارٽي پاران بجيٽ پاس ٿيڻ ۾ ساٿ نه ڏيڻ تي حڪومت کان عليحدگي جو اعلان ڪيو

  • ڀارتي فوجين سرينگر ۾ 3 نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو

سرينگر(م ڊ) ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجن پنهنجي رياستي دهشتگرديءَ جي تازي ڪارروائيءَ ۾ اربع ڏينهن سرينگر شهر ۾ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فوجن شهيد ٿيل نوجوانن کي شهر جي علائقي رام باغ ۾ تلاشي ۽ گهيراءُ جي هڪ ڪارروائيءَ دوران شهيد ڪيو. ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته شهيد نوجوانن جي سُڃاڻپ ڪئي پئي وڃي. آخري اطلاعن تائين علائقي ۾ فوجي آپريشن جاري هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.