وفاق بيروزگاري ۽ مهانگائي ڪئي، عوام کي رليف ڏينداسين: بلاول

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ ۾ ماءُ ۽ ٻار جي مفت سهولتن ۽ وظيفي وارو پروگرام شروع ٿي ويو، ايندڙ ٻن سالن ۾ پروگرام سڄي سنڌ تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران جي ڪيل بيروزگاري ۽ مهانگائي کي غربت ختم ڪيو پروگرام ذريعي ڪور ڪنداسين،  18-2013 ۾ سنڌ اندر نون ڄاول ٻارن جي فوتگي جي شرح 30 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي، نون ڄاول ٻارن جي فوتگي شرح ۾ 19 سيڪڙو ۽ پنجن کان گهٽ عمر وارن جي فوتگي شرح ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. اهو صوبائي حڪومت جي عملي ۽ نتيجن تي ٻڌل صحت پاليسين جو ثبوت آهي.  تنهنڪري اسان ويم وارين مائرن کي کين گهرن جي ويجهو صحت جون سهولتون رجسٽر ڪرڻ لاءِ مڌر اينڊ چائلڊ ڪيئر پروگرام شروع ڪرڻ لاءِ هڪ ٻيو قدم کڻي رهيا آهيون ۽ انهن کي هر مقرر ٿيل وزٽ شيڊول سميت اسپتال يا ميٽرنٽي هوم ۾ ڊليوري لاءِ روڪ رقم ڏينداسين. هن اهڙو اظهار گذريل ڏهاڙي سي ايم سيڪريٽريٽ پاران وزيراعليٰ هائوس ۾ شروع ڪيل  “سوشل پروٽيڪشن اسٽريٽجڪ يونٽ‘تحت منعقد ڪيل’ مدر اينڊ چائلڊ سپورٽ پروگرام‘ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان عوام سان اهو واعدو نٿا ڪري سگهون ته معيشت بهتر ٿيندي پر اهو واعدو ضرور ڪريون ٿا ته جڏهن توهان مصيبت ۾ هوندا ته توهان کي ان مصيبت مان ڪڍنداسين ۽ اسان اهو ڪري پڻ ڏيکاريو آهي. هن چيو ته قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي منصوبن تي سندس ڪردار کي بدنام ڪيو ويو. قائد عوام وڏن زميندارن کان زمينون وٺي غريبن کي ڏنيون جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به اهڙو ڪم نه ڪيو ۽ راتو رات غريبن کي عزت سان زندگي گذارڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڏنو ويو. سنڌ مان غربت جي خاتمي وارو پروگرام ۾ مثبت فرق ڏيڻ ۾ اچي رهيو آهي. غربت جي خاتمي واري پروگرام سان 30 ملين خاندانن کي فائدو پهچي رهيو آهي. سنڌ حڪومت جو غربت جي خاتمي وارو پروگرام ذريعي بناوياج قرض ڏنا پيا وڃن. انهن بهادر عورتن کي آئون سلام پيش ڪريان ٿو. اهي عورتون ان پئسن مان ننڍو ڪاروبار شروع ڪن ٿيون.. هن چيو ته ماءَ ٻار سپورٽ پروگرام ايندڙ 3 مهينن ۾ عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ هلائينداسين ۽ پوءِ ايندڙ ٻن سالن ۾ ان کي پوري صوبي ۾ کڻي وينداسين. ان کان اڳ خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو  ته پيپلز پارٽي، فلاحي پروگرام بابت هڪ تاريخ تاريخ رکندي آهي. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ٻيا پروگرام ان جا مثال آهن  هن چيو ته ڄمڻ کان وٺي اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته ٻار کي ڪهڙي قسم جي خوراڪ ۽ دوائن جي ضرورت پوندي آهي. سنڌ مان 16 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ چوري ڪئي وئي. هن چيو ته اسان ايترو ذخيرو به نه ڪيو آهي. 16 لک ته ڇا 16 ڪلو به چوري نه ٿي آهي. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت واحد حڪومت آهي جنهن گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار رپيا ڪئي. اسان کي خبر نه هئي ته هو ملڪ جي اهڙي حالت ڪندا، اسان کي پنهنجي قيادت پاران هدايت ڪئي وئي آهي ته غريبن جو خيال رکيو وڃي. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزار نه رهندي پر اها وڌندي. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.