اشتهارن بابت مريم جي اعتراف تي جاچ جو اعلان، 18 ارب چئنلن ۽ صحافين ۾ ورهايا ويا: فواد چوڌري

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مريم نواز وڏن چئنلز جا اشتهار ڪنٽرول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو جيڪو سنگين مالي بي ضابطگين جو هڪ ٻيو اعتراف آهي، اميد آهي ته مريم نواز پنهنجي ۽ خاندان جي ٻاهرين ملڪ جائيدادن جو اعتراف به ڪري وٺندي، قوم منتظر آهي. اربع ڏينهن پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مريم نواز وڏن چئنلز جا اشتهار ڪنٽرول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو، اهو سنگين مالي بي ضابطگين جو هڪ ٻيو اعتراف آهي، هن چيو ته مريم نواز چوي ٿي ته هُو پارٽي جو ميڊيا سيل هلائي رهي هئي، اميد آهي ته ان اعترافي بيان کانپوءِ هو پنهنجي ۽ خاندان جي ٻاهرين ملڪ جائيدادن جو اعتراف به ڪري وٺندي، قوم منتطر آهي، هوڏانهن فواد چوڌري مريم نواز پاران ڪجهه ميڊيا چئنلن کي اشتهار نه ڏيڻ جي حوالي سان آڊيو جي جاچ جو اعلان ڪري ڇڏيو، هن چيو ته اهڙو انڪشاف ڊان 2 نومبر 2015ع تي ڪيو هو، جنهن ۾ ان انڪشاف ڪيو ته وزيراعظم هائوس ۾ مريم نواز جي سربراهي ۾ هڪ خاص ميڊيا سيل بڻايو ويو آهي، ان بدنام زمانه سيل گوئبلز جي ياد وساري ڇڏي، مريم نواز فنڊ ڪيئن مئنيج ڪيا جاچ ٿيندي، هن چيو ته مجموعي طور تي 10 ارب رپيا من پسند چئنلن کي ڏنا ويا، پنجاب ۾ به لڳ ڀڳ ايتري ماليت جا اشتهار ڏنا ويا، 15 کان 18 ارب صحافين ۽ مختلف گروپن ۾ ورهايا ويا، جن صحافين کي پلاٽ ،پئسا ڏنا ويا ان جي به جاچ ڪنداسين، ان موقعي تي حماد اظهر چيو ته هاڻي اسان ان جو حساب لڳائينداسين، اسان اطلاعات وزارت ۽ سمورن صوبن کان سڄو حساب گهرايو آهي، مريم نواز اعتراف ڪيو ته ميڊيا کي پئسا ڏنا پيا وڃن يا روڪيا پيا وڃن، مريم جواب ڏئي ته ڇا اهو ئي سبب آهي ته اڃا ڪجهه پروگرام يا ڪجهه ميڊيا هائوسز کيس بي تابي سان ياد ڪن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.