سپريم ڪورٽ پاران نسلا ٽاور جلد ڊاهڻ جو حڪم، عمارت ڪيرائڻ جو عمل شروع

ڪراچي ( رپورٽ: ماريا اسماعيل ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد ڪراچي جي ڪمشنر محمد اقبال ميمڻ کي چيو آهي ته سڄي شهر جي مشينري ۽ عملو وٺي وڃ ۽ نسلا ٽاور کي ڪيرائي منجهند جو رپورٽ ڏيو.سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ،جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس قاضي محمد امين تي ٻڌل ٽي رڪني بئنچ  نسلا ٽاور جي ڊاهڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ڪراچي جي ڪمشنر  جي رپورٽ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، چيف جسٽس چيو ته تجوري هائٽس کي به هن وقت تائين ناهي ڪيرايو ويو، جنهن تي ڪراچي جي ڪمشنر  چيو ته تجوري هائٽس تي مسمار جو ڪم جاري آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ان جي به رپورٽ تصويرن سان گڏ منجهند جو جمع ڪرايو.ڪراچي جي ڪمشنر  عدالت کي ٻڌايو ته اسان نسلا ٽاور تي آپريشن شروع ڪيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪيتريون عمارتون ڊهي پٽ ٿيون، ڪيترو ڪم ٿيو آهي، ان بابت ٻڌايو، ڪوڙ نه ڳالهايو، چيف جسٽس کي درخواست ڪندي ڪراچي جي ڪمشنر  چيو ته منهنجي ڳالهه ٻڌو، جنهن تي جسٽس قاضي امين چيو ته ڇا توهان پنهنجي گهر ۾ بيٺا آهيو، عدالت سان ڳالهائڻ جو اهو طريقو آهي، جسٽس قاضي امين ڪراچي جي ڪمشنر  کي چيو ته هو وڌيڪ سمارٽ ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪن .ڪراچي جي ڪمشنر محمد اقبال ميمڻ  چيو ته سَر، مان عمارت ڊاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته توهان ڪوشش کي ڇڏيو، هتان کان سڌو جيل وڃو، ڪمشنر جو  چيف جسٽس کي چوڻ هو سر مان ڪجهه توهان کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جنهن تي چيف جسٽس گلزار احمد چيو ته اسان سمجهي رهيا آهيون پر اوهان نه پيا سمجهو، صرف ٽائيم پاس ڪري رهيا آهيو. هوڏانهن سپريم ڪورٽ جي حڪم بعد ڊي سي اوڀر عملي سوڌو نسلا ٽاور ڊاهڻ لاءِ پهچي ويو، ڳري مشينري بنا نسلا ٽاور کي ڊاهڻ جو عمل شروع ڪيو ويو. ڊي سي اوڀر آصف اقبال جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جي حڪم ۽ ڪراچي جي ڪمشنر  جي هدايتن تي ڪم شروع ڪيو اٿئون، نسلا ٽاور کي ڳري مشينري سان ڊاهي نٿو سگهجي، مينوئل طريقي سان ڊاهڻ جو ڪم ڪري رهيا آهيون. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.