شوڪت عزيز صديقي پاران هڪ ٻي درخواست داخل

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو برطرف جج شوڪت عزيز صديقي پنهنجي برطرفي بابت سپريم جڊيشل ڪائونسل جي فيصلي خلاف دائر اپيل کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ بابت هڪٻئي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ دائر ڪئي آهي. دائر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 11 جون تي عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو هو ته جون 2021ع جي آخر ۾ ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو، ڪيس جي جلد ٻڌڻي لاءِ پهرين به ڪيتريون درخواستون ڏئي چڪو آهيان، منهنجو خاندان مالي مشڪلات جو شڪار آهي، پهرين ڊسمبر تي منهنجو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.