سعيد غني ٻڌائي ته عهدو ڪڏهن ڇڏيندو: چيف جسٽس

ڪراچي (رپورٽر) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ وڏين ۽ قبضن وارين عمارتن بابت صوبائي وزير سعيد غني پيش ٿيو، عدالت چيو تھ سعيد غني صاحب! ٻڌايو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ چيف جسٽس  گلزار احمد هڪ عمارت جي تصوير عدالت ۾ لهرائي ڏيکارِي. جسٽس اعجاز الاحسن پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته سعيد غني چوي ٿو ته عهدو ڇڏيندس پر عمارتون نه ڊاهيندس، چيف جسٽس، اي جي سنڌ کي چيو ته سعيد غني اهو ته ٻڌائي ڪڏهن عهدو ڇڏيندو؟عدالت  صوبائي وزير سعيد غني کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، 03.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.