پي اي سي پاران نيب چيئرمين کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين رانا تنوير حسين جي صدارت ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن علي نواز شاهه، خواجه آصف، سردار اياز صادق، خواجه شيراز محمود، ملڪ عامر ڊوگر، اقبال محمد علي خان، نور عالم خان، سميت لاڳاپيل سرڪاري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. چيئرمين رانا تنوير حسين چيو ته اڄوڪي اجلاس ۾ ڊي اي سي جا اجلاس نه ڪرائيندڙ ادارن کي گهرايو آهي، نور عالم خان چيو ته جن ادارن جا پرنسپل اڪائونٽنگ آفيسر هتي نٿا اچڻ چاهين اهي ڊي اي سي منعقد ڪن، ڊي جي نيب چيو ته نيب چيئرمين لاهور ۾ آهي، گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان هو ٻڌڻي ۾ مصروف آهي، رانا تنوير حسين چيو ته نيب چيئرمين کانسواءِ اسان ڪنهن ٻي کي نٿا ٻڌي سگهون نور عالم خان چيو ته گاڏين تي اون جو مسئلو گهڻو سنگين آهي ۽ وقت سر گاڏيون به ناهن ڏيندا، خواجه آصف چيو ته گاڏين جي ٽن وڏن ڪارخانن جي ڦُرلُٽ جاري آهي ۽ اهي گهڻا بااثر ماڻهو آهن، چانهه ۽ پام آئل جي مقامي پيداوار روڪرائڻ لاءِ مافياز مال لڳائيندي آهي، ملڪ عامر ڊوگر چيو ته چار پنج سيٺ اربين کربين کائي رهيا آهن، گاڏين تي اون ناقابل برداشت حد تائين وڌي ويو آهي، اهڙي طرح کنڊ، ڀاڻ جي قيمتن جو به اهو ئي حال آهي. خواجه آصف چيو ته ٽي مهينا پهرين هڪ سياسي خاندان چشتيان شوگر مل خريد ڪئي آهي، کنڊ ايڪسپورٽ ڪريون ٿا ته حڪومت کان ري بيٽ به گهرندا آهن، ڀاڻ جي ڪارخانن کي سڀني کان سستي گئس ملندي آهي، خواجه شيراز محمود چيو ته ماڻهن ڊي اي پي ڀاڻ جي 36، 36 هزار ٻوريون ذخيرو ڪري رکيون آهن، صوبن کي ان حوالي سان پنهنجون ذميداريون ادا ڪرڻ گهرجن، سردار اياز صادق چيو ته نيب هن وقت تائين ڪنهن ڪنهن کان ڪيتري ريڪوري ڪئي آهي ان جا تفصيل طلب ڪيا وڃن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.