سنڌ بعد پنجاب جو به ڪامورن جي بدلين تي وفاق سان تڪرار

لاهور( م ڊ) سنڌ کان پوءِ پنجاب  جو به ڪامورن جي بدلين تي وفاق سان تڪرار ٿي ويو آهي.  پنجاب حڪومت به آفيسرن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب روٽيشن پاليسي تحت وفاق وٽ نه ويل پنجاب جي آفيسرن کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن نوٽيس جاري ڪندي 7 ڏينهن اندر جواب گهري ورتو آهي. ٻئي طرف چيف سيڪريٽري پنجاب وفاق کان آفيسرن جي کوٽ پوري ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي، چيف سيڪريٽري بدلي ڪيل آفيسرن جي مقرري تائين ڪم جاري رکڻ لاءِ موجوده ٽيم کي خط لکي ڇڏيو، جن سول آفيسرن جي بدلي جا آرڊر جاري ڪيا ويا هئا، جن ۾ ناڻي واري سيڪريٽري افتخار احمد ساهو، سيڪريٽري ايم پي ڊي ڊي علي طاهر، ڪمشنر ڊي جي خان ساره اسلم ۽ ڪمشنر سرگوڌا فرخ مسعود شامل آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.