سنڌ سرڪار آفيسرن کي تڪراري پئي بڻائي: حليم عادل

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته اپوزيشن ليڊر کي ايوان ۾ ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو پيو وڃي، اسيمبلي فلور تي منهنجو مائڪ کولڻ هڪ سنگين معاملو بڻجي ويو آهي،هن چيو ته صوبائي زير مڪيش ڪمار چاولا اسيمبلي فلور تي غلط بيان ڏنو آهي.اسان پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي قيام جو نه بائيڪاٽ ڪيو ۽ نه ئي ان ڪميٽي جي چيئرمين شپ حاصل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو.اسان انهن جي ڪنهن به آڇ کي رد نه ڪيو صوبائي وزير 1.6 ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي باري ۾ جيڪو چيو اهو به غلط آهي هن چيو ته  پيپلز پارٽي حسن نقوي، مقصود ميمڻ، فرخ بشير جهڙن چند آفيسرن کي بچائڻ لاءِ سمورن آفيسرن جو مستقبل داءَ تي لڳائي ڇڏيو آهي، اليڪشن کٽڻ لاءِ پيپلزپارٽي اهڙن ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پاڻ وٽ رکڻ چاهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.