عوامي راڄ تحريڪ پاران اڄ ناظم جوکيو جي قتل خلاف احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) عوامي راڄ تحريڪ پاران اڄ سڄي سنڌ ۾ ناظم جوکيو جي قتل خلاف احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي، سيد خليل احمد شاه، خليل چانڊيو ۽ ٻين ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب  ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ناظم جوکيو کي وحشت ذريعي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته افصل جوکيو انهي قتل کانپوءِ جوابدارن جي خلاف ۽ حق ۾ روزاني بيان بدلائي ڪيس کي ڪمزور ڪري رهيو آهي، ناظم جوکيو سوشل ميڊيا تي پنهنجي وڊيو رکي سماج جي هر ماڻهو کي اڳواٽ اها اپيل ڪئي هئي ته سندس مدد ڪئي وڃي، هن جي قتل کانپوءِ اسين سڀئي انهي خطري هيٺ آهيون، انهي ڪري ناظم جوکيو جي قتل خلاف قانوني پاسا جاچڻ بعد هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرڻ ، چيف جسٽس کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جي درخواست سميت شاه رخ جتوئي ڪيس جيئن ڪيس هلائڻ بابت جائزو وٺي رهيا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته ناظم جوکيو جي گهر واري شيرين جوکيو ۽ سندس ٻارن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.