ارڙي ۽ روبيلا مهم ۾ سهڪار نه ڪرڻ تي خيرپور جي ٻن خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن رد

خيرپور(شاهنواز سيال) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور راجا طارق چانڊيو خيرپور ضلعي جي نجي اسڪولن کي هدايت ڪئي هئي ته سنڌ حڪومت جي پاليسي موجب 15 سالن تائين جي شاگردن کي ارڙي ۽ روبيلا کان بچاءَ جا ٽڪا لڳرائڻ لاءِ مهم دوران صحت کاتي جي ٽيمن سان مڪمل تعاون ڪيو وڃي ان باوجود خيرپور جي 2 نجي اسڪولن ٽيمن سان تعاون نه ڪيو جنهن بعد ڊائريڪٽر پرائيويٽ انسٽيٽيوشن سکر پاران ڊپٽي ڪمشنر خيرپور جي سفارش تي النور فيلووشپ اسڪول واري ڳوٺ خيرپور  ۽ عليزا پبلڪ ايليمينٽري اسڪول پنج هٽي خيرپور جي رجسٽريشن رد ڪري مٿن 50 – 50 هزار ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڌيڪ 15 نجي اسڪولن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري هدايت ڪئي وئي آهي ته ارڙي ۽ روبيلا خلاف جاري مهم دوران صحت کاتي جي ٽيمن سان تعاون ڪيو وڃي .

  • پاڪستاني گلوڪاره عروج آفتاب گريمي  ايوارڊ لاءِ نامزد

اسلام آباد(م ڊ) عروج آفتاب انهن ڪجهه گلوڪارن ۾ آهي جن کي آمريڪي ميوزڪ انڊسٽري جي وڏي اعزازي گريمي ايوارڊ 2022ع لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي،عروج جو نالو ٻن ايوارڊن لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي، بهترين نئين گلوڪاره کان علاوه سندس گاني” محبت“ بيسٽ  گلوبل ميوزڪ پرفارمنس جي ايوارڊ لاءِ به نامزد ڪيو ويو آهي، 37 سالن جي عروج لاهور مان پنهنجي موسيقي جي شروعات ڪيئ، هن آمريڪي برڪلي ڪاليج آف ميوزڪ مان تعليم حاصل ڪئي، 2010ع ۾ هن نيويارڪ ۾ عابده پروين سان ملاقات ڪئي ۽ ٻنهي هارمونيم تي گڏ ڳايو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين گريمي ايوارڊ لاءِ نامزدگي تي پاڪستاني گلوڪاره عروج آفتاب کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عروج آفتاب جي ايوارڊ لاءِ نامزدگي تي فخر آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.