سنڌ جا تعليمي ادارا قتل گاهه بڻيل آهن: سنڌي شاگرد تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر پرديپ گلاب، عاطف ملاح، حميد انقلابي ۽ علي رضا جلباڻي پنھنجي گڏيل پريس بيان ۾ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو جي ھاسٽل مان شاگردياڻي نوشين ڪاظمي جي پر اسرار فوتگي جي جاچ جو مطالبو ڪندي چيو آھي تھ سازش تحت سنڌ جي تعليمي ادارن کي قتل گاھ بڻايو پيو وڃي. سنڌ جا تعليمي ادارا بگھڙن جي حوالي ڪيا ويا آھن جيڪي شاگردياڻين توڙي شاگردن کي هراسان ڪري، ڊيڄائڻ ۽ ڌمڪائڻ جھڙا ڏوھ ڪندا رھن ٿا.  اڳواڻن مطالبو ڪيو آھي تھ شاگردياڻي نوشين جي پراسرار فوتگي جي جاچ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي وائيس چانسلر، ھاسٽل پرووِسٽ سميت سمورن ذمويوارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ۽ ڊاڪٽر نمرتا ڪماري جي جاچ رپورٽ پڻ پڌري ڪري ذميوارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.

  • شاهد خاقان ۽ مريم نواز خلاف توهين عدالت جي  درخواست داخل

اسلام آباد(م ڊ) اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي مبينه آڊيو جي حوالي سان عدليه خلاف توهين آميز لفظ استعمال ڪرڻ تي شاهد خاقان عباسي ۽ مريم نواز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. عورت وڪيل ڪلثوم خالق عدالت ۾ درخواست داخل ڪندي مؤقف اختيار ڪندي چيو ته شاهد خاقان عباسي چيو ته جيڪڏهن نواز شريف جيل وڃي سگهي ٿو ته ثاقب نثار ڇو جيل نٿو وڃي سگهي؟ مريم نواز ۽ شاهد خاقان عباسي توهين عدالت ڪئي آهي، ٻنهي عدليه خلاف توهين آميز لفظ استعمال ڪيا آهن،

  • پوليس مقابلي ۽ قتل ارادي ڪيس ۾ جوابدار ڪاشف ٽينڪر کي 11 سال ٽيپ

ڪراچي (رپورٽر)جيل ڪمپليڪس ۾ موجود اي ٽي سي عدالت ۾ پوليس مقابلي، قتل ڪرڻ جي ارادي ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڏوهه ٽابت ٿيڻ کان پوءِ عدالت جوابدار ڪاشف عرف ٽينڪر کي 11سال قيد ۽ 40 هزارڏنڊڏيڻ جي سزاڏني آهي. جوابدارکي عزيز آباد جي پوليس مقابلي کان پوءِ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو آهي .03

  • ڪراچي ۾ پاڻي جي ٽانڪي ۾ گئس ڌماڪو، 3 زخمي

ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جي علائقي شيرين جناح ڪالوني ۾ هڪ گهر اندر پاڻي جي ٽانڪي ۾ زوردار ڌماڪو 3 ڄڻا زخمي ٿي پياريسڪيو ذريعن موجب شيرين جناح ڪالوني ۾ واقع هڪ گهر ۾ زمين واري پاڻي جي ٽانڪي جي ٽانڪي ۾ زوردار ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 3  ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ايس ايس پي سائوٿ زبير نذير شيخ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا جاء واردات تي پهتا ۽ بم اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو

  • ڪراچي ۾ فائرنگ واقعا، 3 ڄڻا زخمي

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ فائرنگ جي واقعن ۾ 3 ڄڻا زخمي، ڪراچي جي علائقي لياري ٽائون بغدادي ۾ ڪراچي ميڊيڪل 24 ڪلاڪ اسپتال ويجهو فائرنگ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو زخمي کي علاج لاءِ اسپتال سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس جي سڃاڻپ علي ولد غلام قادر طور ٿي ٻئي طرف سهراب ڳوٺ ايڌي سينٽر جي ويجهو فائرنگ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين کي علاج لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندن جي سڃاڻپ علي اڪبر ولد سيد محمود حسين ڪاظمي اسامه ولد جاويد طور ٿي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.