روم ميٽ نوشين جي والد کي سموري معلومات ڏني آهي: ڪاليج پرنسپال

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر گلزار شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هي واقعو اسان جي لاءِ ڏکوئيندڙ واقعو آهي، اسان سان ايس ايس پي لاڙڪاڻو سهڪار پيو ڪري، نوشين جي روم ميٽ شاگردياڻي کي مون چيو ته جيڪا به توهان کي واقعي بابت ڄاڻ آهي اها والدين کي سچ چئي ٻڌايو جنهن نوشين جي والدين کي واقعي بابت سموري معلوماتي ڏني آهي. هن چيو ته نوشن جي روم ۾ داخلا يا نڪرڻ جو ڪو به رستو ناهي، نوشين حجري ۾ رهي پڙهائي ڪندي هئي ۽ هن وقت ڪلاس نه پيا هلن.

  • مليل خط جي تصديق ماهر ڪندا، نمرتا ڪيس وانگر جاچ ڪنداسين: ايس ايس پي لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي بابت في الحال ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي ڇاڪاڻ هن وقت پوليس طرفان شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن ان دوران ڪا به ڳالهه حتمي طور چئي نه ٿو سگهجي ان ۾ صرف حقيقت کي ئي وائکو ڪيو ويندو آهي. هن چيو ته واقعي جو اطلاع ڪاليج انتظاميه طرفان پوليس کي ڏنو ويو جن کان جاچ ڪرڻ تي هنن ٻڌايو ته نوشين جي روم ميٽ اهڙو اطلاع ڏنو ۽ بعد ۾ وارڊن کي ڏنو جن روم کوليو ۽ اسان به پهتاسين. هن چيو ته چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج سڀ کان وڏو تعليمي ادارو آهي ٻه سال اڳ نمرتا جو واقعو ٿيو ۽ ان طريقي سان به هن واقعي جي جاچ ڪري رهيا هن چيو ته مليل خط محفوظ آهي ان بابت ماهر ٻڌائيندا ته اها لکت ساڳي آهي يا الڳ آهي جنهن جي به جاچ ڪئي ويندي.

  • سوشل ميڊيا تي باهه ٻريل، ڪاليج گيٽ تي اهلڪارن جي صحافين سان منهن ماري

لاڙڪاڻو: ڊاڪٽر نوشين واري واقعي جي اطلاع تي شاگردياڻين ۾ خوف ۽ حراس واري صورتحال ڇائنجي وئي جيڪي وڏي انگ ۾ هاسٽل ٻاهريان پريشاني ۽ ڳڻتي ۾ مبتلا نظر پئي آيا. اهڙي خبر سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ ۽ مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن طرفان فيس بوڪ، واٽس ايپ ۽ ٻين سماجي رابطن وارن ويب سائيٽس تي واقعي جون تصويرون ۽ ٻيو مواد شيئر ڪرڻ تي چند منٽن ۾ نوشين واري واقعي جي خبر پوري سنڌ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي. جنهن کان پوءِ لاڙڪاڻي واسي وڪيلن، سياسي سماجي ۽ شاگرد تنظيمن جا اڳواڻ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي مُک گيٽ پهتا جتي هنن ڪاليج اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي سيڪيورٽي تي موجود اهلڪار ميڊيا سميت شاگردن، شاگردياڻين وڪيلن ۽ ٻين سان منهن ماري ڪري کين اندر داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني جنهن تي شاگردن ۽ شاگردياڻين ڪاليج انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاج پڻ رڪارڊ ڪرايو.

  • نوشين جي ڪمري ۾ ڪو ٻيو نه ويو آهي: اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻو: چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي نوشين ڪاظمي واري واقعي جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر لاڙڪاڻو احمد علي سومرو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پهتو جتي هن ڪاليج جي پرنسپال ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کان معلومات ورتي،هن چيو ته شاگردياڻي جي روڊ ميٽ ٻاهر ڪنهن روم ۾ هئي تنهن ڪري شاگردياڻي اڪيلي پنهنجي روم ۾ هئي ۽ ٻن کان ٽن ڪلاڪن تائين هوءَ اڪيلي هئي بعد ۾ جڏهن ان جي روم پارٽنر وئي ته کيس اندر کان دروازو لاڪ ٿيل مليو جنهن ٻين کي سڏ ڪيو ۽ کيس جواب نه مليو درين کان لڳل ڄاري ۾ شاگردياڻي کي ڏٺو ته روم اندر ۾ لاش لٽڪي رهيو هو. هن چيو ته روم مان شاگردياڻي جي هٿ جو لکيل نوٽ مليو آهي تنهن ڪري ٻيو ڪو به روم ۾ نه ويو آهي، هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته واقعي جا ڪهڙا ڪارڻ آهن ڇاڪاڻ معاشري ۾ ٻيا ڪيترائي مسئلا به آهن ان ۾ ذاتي ڪارڻ به هوندا آهن،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.