چانڊڪا ۾ هڪ ٻي شاگردياڻي جي پراسرار موت انيڪ سوال اٿاري ڇڏيا

لاڙڪاڻو/دادو(رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو+عزيز ملڪ) لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي هاسٽل روم مان نمرتا واري واقعي کان پوءِ ٻي دادو واسڻ شاگردياڻي جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ، ايس ايس پي جي هدايت تي فارنزڪ ٽيم سي سي ٽي فوٽيجز، هٿ آيل مبينا خط ۽ شاهديون گڏ ڪري ليباريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيون آهن. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ نمرتا واقعي جي ٻن سالن بعد ڪاليج جي هاسٽل مان دادو واسڻ فورٿ ايئر 46 بئچ جي شاگردياڻي جو پکي ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو، روم ۾ لاش لٽڪندي هاسٽل جي شاگردياڻين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا جن ڪاليج انتظاميا کي اطلاع ڏنو بعد ۾ پوليس کي به واقعي جو اطلاع ڏنو ويو جنهن تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سُمير چنه، ڊي ايس پي ميران خان دراني، ڪاليج جو پرنسپال ڊاڪٽر گلزار شيخ، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يوينيورسٽي جو رجسٽرار قرارو شاهه سميت ٻيا واسطيدار عملدار واقعي واري هنڌ پهتا جتي هنن لاش کي ٽنگيل ڏسي واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا. جڏهن ته 6 ڪلاڪن کان پوءِ دادو مان شاگردياڻي نوشين جو پيءُ سيد هدايت الله شاهه ڳوڙها ڳاڙهيندي پنهنجي گهر ڀاتين سميت چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پهتو بعد ۾ هن پنهنجي ڌيءَ نوشين جي دورو ڪيو جتي روم اندر داخل ٿيڻ وقت پنهنجي ڌيءَ جو لٽڪيل لاش ڏسندي زارون قطارون روئيندو رهيو جنهن دوران ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ٻين عملدارن کيس آٿت پڻ ڏني. ان موقعي تي پوليس طرفان هاسٽل ۾ رهندڙ نوشين جي روم ميٽ گلگت جي رهواسڻ شاگردياڻي سميت ٻين شاگردياڻين توڙي عملي جي ماڻهن نوشين جي پيءُ جي موجودگيءَ ۾ بيان رڪارڊ ڪيا ويا. جڏهن ته واقعي واري وقت هاسٽل جي وارڊن لبنيٰ قريشي موڪل تي هئي. واقعي کان اڳ ڪاليج انتظاميا صحافين سان پڻ اڍنگو رويو اختيار ڪندي هاسٽل جي مُک گيٽ بند ڪري صحافين کي ڪوريج کان روڪيندي کين هاسٽل ٻاهريان بيهاري ڇڏيو ۽ سڄو ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر به واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي جنهن ڪري شاگردن توڙي شاگردياڻين ۾ سڄو ڏينهن سخت ڪاوڙ واري لهر ڇانيل هئي. ڪاليج انتظاميه طرفان واقعي بابت شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ فارنزڪ ٽيم طلب ڪري ورتي جيڪا ٽيم قائم الدين جي سربراهيءَ ۾ نوشين جي روم جو دورو ڪري شاهديون، واقعي ۽ ان کان اڳ 20 ڏينهن جا محفوظ ٿيل سي سي ٽي فوٽيجز ۽ ٻيو مواد روم مان هٿ ڪري ليباريٽري ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. ايس ايس پي لاڙڪاڻو جي هدايتن تي روم کي سيل ڪري عورت پوليس اهلڪارن کي سيڪيورٽيءَ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. شاگردياڻين نوشين ڪاظمي جو روم ۾ لٽڪيل لاش هٿ اچڻ کان پوءِ ڪاليج جون شاگردياڻيون سڄو ڏينهن هاسٽل ٻاهريان خوف، حراس ۽ پريشاني واري صورتحال ۾ مبتلا نظر پئي آهيون ۽ جنهن وقت شاگردياڻي جو لاش روم مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪرڻ لاءِ ٻاهر آندو ويو ته ان دوران شاگردياڻين دانهون ڪيون ته آخر ڪيسيتائين اڃان درسگاهن مان نياڻين جا لاش ڪڍيا ويندا؟ جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين نوشين واقعي جو ذميوار وائيس چانسلر ڊاڪٽر انيلا عطا الرحمان ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال کي قرار ڏيندي سندن کي هٽائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. هوڏانهن ۾ پوليس جي سخت پهري هيٺ نوشين جو لاش چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ماهر ڊاڪٽرن پاران شاگردياڻي نوشين جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو ۽ ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش ايمبولينس ذريعي کڻائي دادو ڏانهن روانا ٿي ويا، جڏهن ته  ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻي پاران ڪاليج جي مُک گيٽ ۽ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ اڳيان ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا جتي هنن “قاتل قاتل وي سي قاتل”، ”قاتل قاتل ڪاليج انتظاميه قاتل” جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندي واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. شاگردن احتجاج دوران شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميه خلاف سخت نعريبازي ڪندي کين واقعي جو قرار ڏنو. ان موقعي تي شاگردن ڊاڪٽر مرڪ چانڊيو، ڊاڪٽر تنوير انصاري، ڊاڪٽر عمر نثار، ڊاڪٽر رقيب، ڊاڪٽر ابراھيم سومرو، ڊاڪٽر عرفان ۽ ٻين چيو ته ٻه سال اڳ ساڳي ئي ڪاليج جي هاسٽل ۾ نمرتا کي ٽيڪنيڪل طريقي سان قتل ڪيو ويو پر افسوس جو ٻه سال گذرڻ جي باوجود يونيورسٽي انتظاميا واقعي کي ڳجهارت بڻائي ويٺي آهي ۽ مٿان اڄ وري نوشين ڪاظمي جو لٽڪيل لاش آيو آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته هنن ٻنهي واقعن جو ذميوار وائيس چانسلر ۽ ڪاليج انتظاميا آهن. شاگردن چيو ته نوشين هڪ سٻاجهڙي ۽ هوشيار شاگردياڻي هئي ۽ سندس پڙهائيءَ ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئي، عام شاگردن سان هو ڪم ميل جول رکندي هئي. شاگردن الزام لڳايو ته نوشين کي به نمرتا جيان قتل ڪيو ويو آهي، سي سي ٽي فوٽجيز جي ذريعي جاچ جو آغاز ڪيو وڃي ڇاڪاڻ هن واقعي کي دٻائڻ لاءِ نه صرف يونيورسٽي ۽ ڪاليج انتظاميه پر لاڙڪاڻو پوليس به سرگرم آهي تنهن ڪري اسين سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿا ڪريون ته نمرتا واري واقعي جي ٻيهر جاچ ڪرڻ سان گڏ نوشين ڪاظمي جي واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، جڏهن ته دادو شھر ۾ سيد برادري ۽ سندن گھر ۾ قهرام متل آھي ۽ تڏو وڇايو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.