فريال ٽالپر واقعي جو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي سان رابطو

لاڙڪاڻو: پاڪستان پيپلز پارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ۽ ايم پي اي فريال ٽالپر شاگردياڻي نوشين واري واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسر سان رابطو ڪري تفصيل معلوم ڪيا. ان موقعي تي فريال ٽالپر جو چوڻ هو ته افسوسناڪ واقعو ڳڻتي جو باعث آهي، معاملي جي شفاف جاچ ۽ فوري جاچ کي يقيني بڻايو وڃي، ان معاملي جي جاچ جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي وڃي. هوڏانهن فريال ٽالپر طرفان آفيسرن کي متاثر خاندان کي اعتماد ۾ وٺي ۽ انهن سان هر ممڪن سهڪار جي هدايت ڪندي شاگردياڻي نوشين جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.